بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي خلاف آپريشن ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان لن جيان راڄڌاني بيجنگ ۾ نيوز ڪانفرنس دوران چيو ته چين ۽ پاڪستان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جو عزم به رکون ٿا ۽ صلاحيت به.
پاڪستان ۽ چين ٻئي اهڙين سرگرمين ۾ ملوث دهشتگردن کان سندن ڪاررواين جي قيمت وصول ڪرڻ جو به عزم ۽ صلاحيت رکن ٿا.
You might also like