26 نومبر احتجاج ڪيس: عدالت مان وڏي خبر اچي وئي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 26 نومبر احتجاج ڪيس ۾ عليمه خان تي فردِ جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 26 نومبر جي احتجاج تي ٿاڻي صادق آباد ۾ داخل ڪيل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ڪيـس جي ٻڌڻي دوران عليمه خان جي داخل ڪيل درخواست تي پراسيڪيوشن پنهنجا دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران دوران ڪيس ۾ نامزد عليمه خان سميت 10 جوابدارن تي فردِ جرم لاڳو ڪيو ويو.
واضح رهي ته عليمه خان اڄ اينٽي ٽيرر ازم ايڪٽ جي سيڪشن 23 تحت عدالت جي اختيار کي چئلينج ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.