اهي 6 عادتون جن سان ڊپريشن کان بچڻ ممڪن؟

ڊپريشن هڪ اهڙو مرض آهي جنهن کان موجودا دور ۾ هر عمر جا ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن.
ڊپريشن جو شڪار ماڻهن کي دماغي ۽ جسماني ٻنهي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
پرسٺي ڳالهه اها آهي ته ڊپريشن کان بچڻ گھڻو سولو آهي ۽ ڪجهه عام عادن سان ائين ممڪن ٿي سگھي ٿو.
اها ڳالهه برطانيا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
ڪمبرج يونيورسٽي جي ان تحقيق ۾ 2 لک 90 هزار ماڻهن جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي، جن مان 13 هزار ڊپريشن جو شڪار هئا.
تحقيق ۾ اهو ڏٺو ويو ته ڪهڙا عنصر ماڻهن کي ڊپريشن جو شڪار بڻائين ٿا ۽ ان بيماري کان بچڻ ڪيئن ممڪن آهي.
تحقيق ۾ 6 اهڙين عادتن کي دريافت ڪيو ويو آهي جن جي ذريعي ڊپريشن کان پاڻ کي بچائي سگھجي ٿو.
تحقيق موجب هر رات 7 کان 9 ڪلاڪ ننڊ ڊپريشن کان بچائڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندي آهي ۽ بيماري مان متاثر ٿيڻ جو خطرو 22 سيڪڙو تائين گھٽجي ويندو آهي.
سگريٽ ڇڪڻ کان پاسو ڪري ڊپريشن جو شڪار ٿيڻ جو خطرو 20 سيڪڙو گھٽائي سگھجي ٿو جڏهن ته دوستن ۽ مائٽن سان ملڻ جلڻ ان بيماري جو خطرو 18 سيڪڙو تائين گھٽ ڪري ڇڏي ٿو.
تحقيق ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته جسماني سرگرمين کي عادت بڻائڻ سان ڊپريشن جو خطرو 14 سيڪڙو تائين گھٽائي سگھجي ٿو.
اهڙي طرح شراب کان پاسو ڪري اهو 11 سيڪڙو گھٽائي سگھجي ٿو.
تحقيق موجب صحت لاءِ سٺي غذا جي استعمال سان ان ذهني مرض مان متاثر ٿيڻ جو خطرو 6 سيڪڙو تائين گھٽجي وڃي ٿو.
محققن ٻڌايو ته صحتمند طرز زندگي کي اپنائيندڙ ماڻهن ۾ ڊپريشن مان متاثر ٿيڻ جو امڪان ٻين جي ڀيٽ ۾ 57 سيڪڙو گھٽ هوندو آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان سوچيندا آهيون ته صحتمند طرز زندگي جسماني صحت لاءِ ضروري هوندي آهي پر اها ذهني صحت لاءِ به اهم هوندي آهي.
سندن چوڻ هو ته سٺي طرز زندگي دماغي صحت لاءِ بهترين ثابت ٿيندي آهي جڏهن مدافعتي نظام ۽ ميٽابولزم به صحتمند هوندا آهن.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته ڊپريشن جو شڪار بڻائڻ ۾ جينز اهم ڪردار ادا ڪندا آهن پر طرز زندگي جي عادت جو ڪردار وڌيڪ اهم هوندو آهي.
محققن موجب جينز سان يقينن ڊپريشن جو خطرو وڌندو آهي پر طرز زندگي جا اثر وڌيڪ اهم هوندا آهن ۽ اوهان جون عادتون جيتريون هاڪاري هونديون، ذهني صحت کي اوترو ئي وڌيڪ فائدو ٿيندو.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل نيچر مينٽل هيلٿ ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.