ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ چيني شهرين تي حملو ڪندڙ بمبار جي سڃاڻپ ٿي وئي ۽ ٽن مددگارن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته سنڌ سرڪار طرفان جاچ ٽيم کي 5 ڪروڙ رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪراچيءَ ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ضياءَ الحسن لنجار چيو ته ڪراچي ايئرپورٽ ٻاهران حملي ۾ 2 چيني شهري مارجي ويا هئا، ڌماڪي واري هنڌ تان هڪ گاڏي جو چيچس ۽ نمبر پليٽ ملي هئي، حملو ڪندڙ شاهه فهد جي سڃاڻپ فنگر پرنٽس ذريعي ڪئي وئي.
هن چيو ته هوائي اڏي ٻاهران حملي ۾ ٻن جوابدارن فرحان ۽ محمد سعيد به حملو ڪندڙن جي مدد ڪئي.
صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته فرحان ۽ محمد سعيد رڪشا ڊرائيور آهن ۽ حملو ڪندڙن جي مدد ڪئي آهي، مددگاري ۾ سعيد علي ۽ بينڪ ملازم بلال به شامل هئا.
هن چيو ته حملي ۾ استعمال ڪيل گاڏي ڪراچي مان خريد ڪئي وئي، پيسن جي ادائگي حب جي خانگي بينڪ ذريعي ڪئي وئي، مددگار دانش، گل رحمان ۽ بشير زيڊ اڃا تائين گرفتار ناهن ٿيا.
صوبائي گهرو وزير چيو ته جوابدار جاويد ايئر پورٽ اندران چيني شهرين جي ٻاهر نڪرڻ جو فون تي اطلاع ڏنو ۽ وڊيو ٺاهي بي ايل اي کي اماڻي، حملو ڪندڙ سان جاويد رابطي ۾ هو.
ضياءَ الحسن لنجار چيو ته دهشتگردن چيڪنگ ۾ نرمي لاءِ گل نساءَ نالي عورت کي استعمال ڪيو، ڪراچي هوائي اڏي جي ريڪي ڪندڙ جوابدار جاويد، گل نساءَ ۽ فرحان کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هو جاچ ٽيم کي 5 ڪروڙ رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪن ٿا.
صوبائي گهرو وزير چيو ته سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان آپگهاتي بمبار ۽ سندس مددگارن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، ڌماڪي ۾ ڪيميڪل سان گڏ آري ڊي ايڪس استعمال ڪيو ويو.
ضياءَ الحسن لنجار چيو ته هو بي ايل اي ۽ ايس آر اي کي پيغام ڏين ٿا ته سنڌ ۾ اهڙيون ڪارروايون نه ڪيون وڃن، سنڌ امن جي ڌرتي آهي.
صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته پاڪستان کي ڪمزور ڪندڙن ۾ ڪو هڪ شخص شامل ناهي هاڻي ڪنهن ڏوهاري کي ڏينهن ڏٺي سرگرمين جي اجازت نه ڏني ويندي، ميرپورخاص واقعي جي شفاف نموني جاچ ڪئي پئي وڃي، وڌيڪ شفاف نموني جاچ ڪرڻ هاڻي ايف آءِ اي جي ذميواري آهي.
Next Post
You might also like