ڪراچي ( رپورٽر ) سي ايس ايس پي ۽ اين سي اي پاڪستان جي سهڪار سان ڪراچي ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ خودمختيار زندگي گذارڻ جي سازگار ماحول تي صوبائي مشاورت جو انعقاد ڪيو ويو. هن مشاورت ۾ عورتن جي ترقي واري وزير ۽ سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن (ايس ايڇ آر سي) جي چيئرپرسن سميت اهم اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ ڪيو ويو ته جيئن پاليسي سان لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪري سگهجي ۽ پٺتي پيل عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ بهتر معاون نظام ٺاهي سگهجي. ان موقعي تي ٻنهي ضلعي نيٽ ورڪن جهڙوڪ وومين ليڊرشپ فورم، ميرپورخاص سٽيزن فورم جي نمائندن ۽ مذهبي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. ان مشاورت ۾ متاثرن جي حقن، تحفظ ۽ انصاف تائين رسائي کي اوليت ڏيڻ لاءِ هڪ گڏيل نقطه نظر جي فوري ضرورت تي زور ڏنو ويو. سرڪاري عملدارن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ مقامي اسٽيڪ هولڊرز موجوده ريفرل سسٽم کي بهتر بڻائڻ لاءِ تعميري ڳالهه ٻولهه ڪئي، جيئن متاثرن لاءِ بروقت ۽ اثرائتو ردعمل يقيني بڻائي سگهجي. ڪانفرنس جي شروعاتي خطاب ۾ سي ايس ايس پي جي سربراهه پروگرامز، عبد الواحد سنگراسي ۽ پروجيڪٽ مينيجر محمد بخش ڪپري سي ايس ايس پي جي عزم جو اظهار ڪيو ته هو جي بي وي متاثرن لاءِ ابتدائي امداد فراهم ڪندا ۽ وومين ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ سيف هائوس ۽ عورتن جي هيلپ ڊيسڪ جي قيام جي اهميت تي زور ڏنو. سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرمين اقبال احمد ڏيٿو چيو ته سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام (سي ايس ايس پي) کي عورتن جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ ۽ ميرپورخاص جي بنيادي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هن اهم اجلاس جو انعقاد ڪرڻ تي ساراھه لائق آهي. سيڪريٽري انفارميشن سنڌ نديم الرحمن ميمڻ چيو ته سماجي شعبو پٺتي پيل طبقن جي خدمت ۾ حڪومت سان گڏ بيٺو آهي. اطلاعات کاتي جي ذريعي عورتن جي حق بابت ٺهيل قانونن ۽ موجود سهولتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اسان هر وقت ڪوشان آهيون ۽ ميڊيا کي به صنفي حساس بڻائڻ جي ڪوششون جاري آهن. سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي قانوني صلاحڪار ردا زهره موجوده متاثرن تي ٻڌل ريفرل سسٽم ۽ صنفي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد (ايس جي بي وي) جي متاثرن کي مدد ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ مفت قانوني امداد جي طريقيڪار بابت روشني وڌي.