راولپنڊي(م ڊ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو تي حملي بابت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني چيئرمين کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پي ٽي آءِ باني کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو، ذريعن موجب اڊيالا جيل انتظاميه کي عدالت جا حڪم ملي ويا آهن، ٻئي طرف شيخ رشيد، راجا بشارت، ثمبيا طاهر، ڪنول شوزاب، راشد حفيظ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيا، بعد ۾ عدالت جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ فرد جرم جي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.