ڪراچي( رپورٽر )سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ سرڪار جو پيپلز ھائوسنگ اسڪيم رڳو ھڪ پروجيڪٽ نه آھي پر اُن کان گھڻو اڳتي آھي، پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ سنڌ سرڪار ٻوڏ ۾ بي گھر ٿيڻ ۽ پنھنجو سڀ ڪُجھ وڃائڻ وارن ماڻھن جو درد سمجھي ٿي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن رڳو گھرن جي تعمير ناھي پر عوامي خدمت ۽ ٻوڏ متاثرن جي اميد ۽ وقار جي بحالي آھي. جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام چيو آھي ته سنڌ سرڪار 21 لک خاندانن جي لاءِ رڳو نوان گھر ئي تعمير نه پئي ڪري پر زندگين جي به نئين سر تعمير ڪري رھي آھي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايت جي روشني ۾ سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن کي سندن وقار موٽائي ڏيارڻ لاءِ سرگرم آھي.