ڪراچي( رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ زراعت کاتي کان سنڌ ۾ هارين کي سولر ٽيوب ويلن ۽ سولر واٽر پمپن لاءِ 600 ملين روپين جي سبسڊی ڏيڻ جو رڪارڊ ۽ سبسڊي حاصل ڪندڙن جا تفصيل گهري ورتا آهن. جڏهن ته ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر ايڪسٽينشن حيدرآباد کي جاري ٿيل 49 ملين روپين جي خصوصي گرانٽ جي خرچن بابت به تفصيل گهري ورتا آهن. پي اي سي هارين کي سولر ٽيوب ويلن لاءِ 600 ملين روپين جي سبسڊي ڏيڻ جي آڊٽ پيرا ڊي جي آڊٽ سنڌ کان هڪ هفتي ۾ تصديق ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس جمعي ڏينهن چيئرمين نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ زراعت کاتي جي سال 2019ع کان 2021ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ زراعت کاتي جي سيڪريٽري رفيق ٻرڙو، ڪميٽيءَ جي ميمبر قاسم سراج سومرو، ڊي جي آڊٽ سنڌ سميت کاتي جي ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊي جي آڊٽ سنڌ زراعت کاتي جي ڊائريڪٽر انجنيئرنگ ونگ پاران سنڌ ۾ هارين کي سولر ٽيوب ويلن ۽ سولر واٽر پمپن لاءِ 600 ملين روپيا سبسڊي جي مد ۾ خرچ ٿيڻ جو مڪمل رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ تي اعتراض واريو جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو کاتي کان پڇاڻو ڪيو ته سولر ٽيوب ويلن لاءِ ڪيترن هارين کي 600 ملين روپين جي سبسڊي فراهم ڪئي وئي آهي اها نالن ۽ ٻين تفصيلن سميت لسٽ فراهم ڪيو ،اجلاس ۾ پي اي سي زراعت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ايڪسٽينشن کي جاري ٿيل 49 ملين جي خصوصي گرانٽ جي خرچن بابت به تفصيل گهري ورتا ۽ ان بابت کاتي کي ڊي جي آڊٽ کان رڪارڊ پڻ تصديق ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ زراعت کاتي جي 24 آڊٽ پيرائن مان 9 آڊٽ پيرائن کي سيٽل ڪيو ويو ۽ 15 آڊٽ پيرائن کي ڊي جي آڊٽ سنڌ کان رڪارڊ جي تصديق تائين زراعت کاتي بابت اجلاس ملتوي ڪيو ويو.
-
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس بلند سطح تي پهچي ويو
ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس نئين بلندي تي پهچي ويو. اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس جو پهريون سيشن ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تي هاڪاري انداز سان شروع ٿيو ۽ هڪ موقعي تي انڊيڪس 481 پوائنٽن سان 93 هزار جي سطح تي پهچي ويو. پهرين سيشن جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 619 پوائنٽن جي واڌ سان 93140 تي بند ٿيو.
-
سنڌ جي صحت ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي صحت ۽ اسپيشل تعليم کاتي جي آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ريجنل ڊائريڪٽر ايمپاورمينٽ پرسن ڊس ايبلٽي سکر عبدالرزاق عباسي کي بدلي ڪري رپورٽ ڪرايو ويو آهي، عبدالقدوس ميمڻ کي لاڙڪاڻي مان بدلي ڪري کيس ريجنل ڊائريڪٽر سکر مقرر ڪيو ويو آهي، مسز زاھده ڪاڪيپوٽو پرنسپال اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر جيڪب آباد کي بدلي ڪري ريجنل ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو آهي، جڏھن ته تعليم کاتي جي استادن جون به مقرريون ۽ بدليون ڪيو ويون آھن، جن ۾ عبدالعزيز نوناري، عبدالستار، علي اڪبر، اقبال احمد کوسو ۽ غلام محمد شامل آھن.
-
ٽرمپ پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو: چوڌري شجاعت
لاهور (م ڊ) مسلم ليگ ق جي صدر چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته آمريڪا جي نئين قيادت جي پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت جا افواهون بي بنياد آهن، ذريعن موجب اسڪارليٽ شيانگ جي سربراهي ۾ چيني سيڙپڪارن جي وفد چوڌري شجاعت سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي هن چيو ته آمريڪا جون پنهنجون پاليسيون آهن، هو اسان جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو. چين به ان حوالي سان واضح موقف رکي ٿو. چين ۽ پاڪستان جا وڏا دوستاڻا ۽ واپاري لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي سهڪار کي وڌايو ويندو، ملاقات ۾ صوبائي وزير چوڌري شفيع حسين به موجود هو.