تنگواڻي (رپورٽ: مھتاب ملڪ) تنگواڻي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾سنڌو درياهھ تي ارسا ايڪٽ ترميم تحت ڪئنال ڪڍڻ، سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ريلي ڪڍي جلسو منعقد ڪيو ويو، جلسي کي خطاب ڪندي چسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌو جو پاڻي ڌرتي ڌڻين جي جياپي جو مسئلو آھي، 24 نومبر تي صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي پيدائش واري شھر ضلعي نوابشاھه جي سڪرنڊ شھر ۾ڪروڙين ڌرتي ڌڻي گڏ ٿي ارسا ايڪٽ ترميم تحت سنڌو تي امڪاني طور اڏجندڙ ڪئنالن کي رد ڪندي، سنڌ جو ماڻھون پنھنجي گھر ۾ غير محفوظ بڻيل آھي، پريا ڪماري سالن کان اغوا ڪارن جي چنبي ۾ آھي، عسڪري ونگ لاءِ اربين رپين جي بجيٽ ھوندي به عام شريف شھري توڙي ڳوٺاڻو غير محفوظ آھي، ھن چيو ته جسقم مظلومن سان گڏ آھي مظلومن جي حقن لاءِ آخري گھڙين تائين ويڙھه وڙھندي جيستائين ھڪ عام شھري به غير محفوظ رھندو اسان آواز اٿاريندا رھنداسين، ان موقعي تي جلسي کي جسقم جي اڳواڻن مؤمن سمون، ڏاڏو اطهر سومرو، ديدار شام، اڪرم باجڪاڻي، واليڏنو سبزوئي، وقار ملڪ، اعجاز ملڪ ۽ ٻين خطاب ڪيو.