اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهبازشريف، بجلي سهولت پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي،جنهن تحت گهريلو واهپيدارن لاءِ في يونٽ 26 رپين جو هوندو.
اسلام آباد ۾ يومِ اقبال جي تقريب خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته علامه اقبال جي فلسفي ۽ پيغام تي عمل جي ضرورت آهي.
هن چيو ته علامه اقبال جي شاعري ۾ قومن جي تقدير تبديل ڪرڻ جو پيغام آهي، ايران، ترڪي ۽ وچ اوڀر وارا به اقبال جي ڪلام کان واقف آهن.
وزيراعظم چيو ته معاشي ڏکيائين سبب هو معاشي طور آزاد ناهن، خرچ گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن، ملڪ جي معاشي صورتحال آهستي آهتي بهتر ٿي رهي آهي.
شهبازشريف چيو ته معاشي صورتحال بهتر ۽ مهانگائي 6 ڏهائي 7 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، وياج جي شرح 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 15 سيڪڙو تي اچي وئي.
وزيراعظم چيو ته حڪومت هر شعبي ۾ سڌارن واري پاليسي تي عمل ڪري ريه آهي، پنجاب ۾ وسيلن کان محرم شاگردن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ موقعا ڏنا ويندا آهن.
You might also like