ملڪ ۾ مهانگائي ۾ واڌ رڪارڊ ، 21 شين جون قيمتون وڌي ويون

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) شماريات واري وفاقي بيورو طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ٻئي هفتي ۾ وڌي وئي ۽ 21 ضروري شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو جڏهن ته 10 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. ٽماٽا، بصر ، ڪڪڙ، اٽو، دال، چڻا ۽ سگريٽ مهانگو ٿي ويو، آلو، انڊا، کنڊ، پيٽرول، باسمتي چانور، گجر سستا ٿي ويا. ملڪ ۾ هلندڙ هفتي مهانگائي جي شرح ۾ ٻئي هفتي 0.44 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ سالياني مهانگائي جي شرح به 13.80 سيڪڙو ٿي وئي آهي،  وفاقي شماريات بيورو پاران جاري ڪيل مهانگائي جي هفتيوار رپورٽ موجب گذريل هفتي دوران روزاني استعمال جي 21 شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو ۽ 10 ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي جڏهن ته 20 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.