26هين ترميم خلاف اختر مينگل، محسن داوڙ، فهميده مرزا ۽ مصطفيٰ کوکر جي پٽيشن داخل

اسلام آباد (مطيع الله جان) هونئن ته 26هين آئيني ترميم خلاف کوڙ درخواستون آيون آهن پر اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر طرفان به عدالت ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اختر مينگل، محسن داوڙ، فهميده مرزا، بئريسٽر مصطفيٰ نواز کوکر ڌر آهن. مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته اسان بنيادي طور تي 3 نقطا اٿاريا آهن، پهريون اهو ته ڌانڌلي ۽ داٻن ذريعي ووٽ خريد ڪيا ويا، ميمبرن کي هراسان ڪيو ويو، اهو جمهوري اصولن ۽ قدرن جي ابتڙ آهي. آئيني ترميم رڳو هڪ ووٽ جي اڪثريت سان پاس ٿي. سردار اختر مينگل جا 2 سينيٽر ٽوڙيا ويا مٿس دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا، کيس هراسان ڪيو ويو نه ته هيءَ آئيني ترميم پاس نه ٿي سگهي  ها. قومي اسيمبلي، سينيٽ جي ضابطن، ترميم ڪيئن پيش ٿيڻي آهي، ڪيئن عوام کان راءِ وٺڻي آهي ان کي به پٽيشن جو حصو بڻايو ويو آهي. اهو نقطو به اٿاريو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ سينيٽ ۾ سندن جي نمائندگي پوري نه هئي، سينيٽ پورو نه هيو، اتي ايتري وڏي آئيني ترميم ڪئي وئي ۽ گهرجن کي نظر ۾ رکيو ويو. اها استدعا ڪئي آهي ته آئيني ترميم ذريعي حڪومت ايگزيڪٽو جي عدليه کي تابع ڪري رهي آهي جيڪو آئين جي بنيادي ڍانچي خلاف آهي. اوهان عدليه جي آزادي کي ايگزيٽو جي تابع نٿا ڪري سگهو. اسان ان کي آئين سان ٽڪراءُ سمجهون ٿا. سردار اختر مينگل طرفان مطالبو آهي ته ڇا قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن کي داٻا ڏئي، هراسان ڪري ووٽ وريو، ان حوالي سان جڊيشل ڪميشن جاچ ڪري. اهي ماڻهو به سامهون اچي ويندا جن کي هراسان ڪري ووٽ ورتا ويا هئا. ماڻهن جون پريس ڪانفرنسون به موجود آهن. مولانا فضل الرحمان به چيو ته 11 ووٽ حڪومت خريد ڪيا هئا. ان جي ڪري جڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.