ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ بلوچ يڪجهتي ڪائونسل جي سربراهه ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ کان ايئرپورٽ تي پاسپورٽ کسڻ ۽ ماهه رنگ تي ٿيل ڪيس خارج ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، سرڪاري وڪيل ۽ ايس ايس پي ملير عدالت ۾پيش ٿيا، پوليس اهلڪارن جو چوڻ هو ته ڪيس جي جاچ ڪئي پئي وڃي، درخواستگذار جي وڪيل جبران ناصر چيوته ڊسٽرڪٽ جج ملير 22 اي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته هاڻي اهو معاملو به آئيني بئنچ ڏانهن ويندو، درخواستگذار جي وڪيل چيو، سڀني کي خبر آهي ته آئيني بينچ ۾ جج ڪير هوندا، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ٿي سگهي ٿو اهڙن ججن کي آئيني بينچن ۾مقرر ڪيو وڃي جنهن سان سڀئي حيران ٿي وڃون، عدالت روسٽر موجب ڪيس آئيني بينچ ڏانهن منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ماهه رنگ بلوچ خلاف داخل ڪيس کي سسپنڊ ڪرڻ واري آرڊر واري حڪم ۾ واڌ ڪري ڇڏي، درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 3هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.