حيدرآباد (پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران اعلانيل 9 نومبر تي سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ منصوبي خلاف ھٽڙي بائي پاس حيدرآباد تي ڌرڻي جي تيارين کي آخري شڪل ڏني وئي ڌرڻي جي تيارين جي حوالي سان سڏايل اجلاس کي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءِ جي پاڻي تي سنڌين جو قانوني دائمي ۽ آفاقي حق آهي. سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي زندگي جو سهارو سنڌو درياءِ کسجڻ نه ڏيندا. هن چيو ته سنڌو درياءِ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهربل پاڻي نه ڇڏڻ سبب سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ سمنڊ اڳتي وڌي رهيو آهي. موجوده وفاقي حڪومت هوش کان ڪم وٺي. هن چيو ته هن سنڌ دشمن منصوبي ۾ پ پ به برابر جي شريڪ آهي جنهن جي ٽيڪ تي وفاقي سرڪار بيٺل آهي ۽ صدارتي محل ۾ به پ پ ويٺل آهي. اجلاس ۾ هٽڙي بائي پاس تي صٻح 10 کان شام 5 تائين احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪرڻ جي لاءِ رٿابندي ڪئي وئي. ڌرڻي جي ڪاميابي لاءِ مختلف ڳوٺن شهرن ۽ علائقن ۾ جاري مهم تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڌرڻي ۾ هزارين عورتون ٻار مرد شريڪ ٿيندا جن جي لاءِ ڌرڻي واري هنڌ پيئڻ جي پاڻي جون ڪئمپون، استقباليه ڪئمپون لڳايون وينديون.