سنڌ کي چئن مهينن اندر مالي ورڇ ۽ رائلٽي مد ۾ 27 سيڪڙو گهٽ رقم ملڻ جو انڪشاف

ڪراچي(رپورٽر) وفاقي حڪومت پاران هلندڙ مالي سال جي پهرين چئن مهينن ۾ سنڌ کي مالياتي ورڇ مان 27 سيڪڙو گهٽ حصو ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اين ايف سي، رائلٽي ۽ آڪٽراءِ  ٽيڪس جي  مد ۾ شيئر کان گهٽ رقم وصول ڪئي وئي. ٽن شعبن ۾ سنڌ جو حصو 6 کرب 33 ارب 60 ڪروڙ رپيا رهيو پر سنڌ کي 4 کرب 58 ارب 61 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا. سنڌ کي حصي کان هڪ کرب 74 ارب 98 ڪروڙ رپيا گهٽ ڏنا ويا. اين ايف سي ۾ حصو 5 کرب 82 ارب رپيا هو، سنڌ کي 4 کرب 20 ارب رپيا مليا. اهڙي طرح اين ايف سي لاءِ هڪ کرب 61 ارب رپيا گهٽ ڏنا ويا. تيل، گئس ۽ معدنيات جي رائلٽي ۾ سنڌ جو حصو 35 ارب 47 ڪروڙ رپيا بڻجي ٿو پر سنڌ کي 27 ارب 71 ڪروڙ رپيا مليا. رائلٽي جي مد ۾ سنڌ کي 7 ارب 75 ڪروڙ رپيا گهٽ مليا. آڪٽرائي ضلعي ٽيڪس ۾ سنڌ جو حصو 15 ارب 65 ڪروڙ رپيا، سنڌ کي 10 ارب 34 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا .اين ايف سي جي مد ۾ 27 سيڪڙو، رائلٽي جي لحاظ کان 21 سيڪڙو ۽ اوڪٽرائي ٽيڪس جي مد ۾ 34 سيڪڙو  گهٽ پئسا مليا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.