ڪراچي( رپورٽر) ساڃاهه وندن چيو آهي ته سنڌو درياءُ مان وڌيڪ ڪينال ڪڍي ڌاڙا هڻڻ سان نه صرف سنڌو درياءُ پر سڄي تهذيب تباهه ٿي ويندي. جديد طريقن سان آبادي به وڌائي سگهجي ٿي ۽ سنڌو به وهندو رهندو. وومين ايڪشن فورم ۽ سنڌ اڀياس اڪيڊمي زيبسٽ يونيورسٽي ڪلفٽن ڪراچي پاران خميس 7 نومبر 2024ع تي ”انڊس ڊيلٽا تي نوان واهن جا اثر“ جي موضوع تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ ڊاڪٽر حسن عباس، نصير ميمڻ، مس عافيه سلام ۽ ڊاڪٽر رياض شيخ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. نصير ميمڻ چيو ته پاڪستان جي صدر کي اهو آئيني اختيار ناهي ته هو سنڌو درياهه جي ورهاست يا نون واهه جي حوالي سان ڪو به فيصلو ڪري. هي آئيني اختيار گڏيل مفادن واري ڪائونسل CCI ۽ IRSA وٽ آهي. هن وڌيڪ چيو ته چولستان صرف هڪ واهه نه پر هڪ سمورو نظام آهي جنهن لاءِ پاڻي سنڌو درياهه مان حاصل ڪيو ويندو ۽ اهو پاڻي سال جا صرف ٻارهن مهينا گهربل هوندو جنهن جو سڀ کان وڏو نقصان سنڌ کي ٿيندو. اهو پنجاب جي هارين لاءِ به نقصانڪار آهي. ڊاڪٽر حسن عباس چيو ته هڪ سائنسدان، هڪ هائيڊرولاجسٽ جي حيثيت سان مان دعويٰ ٿو ڪريان ته سنڌو درياهه ۾ ڊيم يا واهه ٺاهڻ جو سمورو نظام دقيانوسي ۽ پراڻو آهي. انهيءَ ڪري سنڌ، پنجاب، هندستان، پاڪستان ۽ مٿئين ۽ هيٺاهين علائقن جي ماڻهن جي وچ ۾ پاڻي جي ورڇ تي تڪرار پيدا ٿئي ٿو. جنهن جي جاءِ تي دنيا ۾ هڪ نئون آبپاشي نظام متعارف ڪرايو ويو آهي. جنهن سان هر ماڻهو جديد آبپاشي ۽ واٽر مئنيجمينٽ سان پاڻي حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ سنڌو به مسلسل وهندو رهي سگهي ٿو. حسن عباس جو چوڻ آهي ته ڪو به واهه يا ڊيم نه ٺاهيو. سنڌوءَ کي وهڻ ڏيو، جيئن فطرت ان کي ٺاهيو آهي، ٻارهن مهينن جو درياهه سمنڊ ڏانهن وهي ٿو، ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان اهو ممڪن آهي. مس عافيه سلام چيو ته جڏهن درياهه نه وهندو آهي ۽ ماڻهو پاڻي لاءِ ترسندا آهن ته عورتن کي سڀ کان وڌيڪ تڪليف ٿيندي آهي. جڏهن سنڌو درياءَ جو پاڻي سمنڊ تائين نه ٿو پهچي ۽ انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي وڃي ۽ سمنڊ زمين کي ڳڙڪائڻ شروع ڪري ته لڏپلاڻ شروع ٿئي ٿي، جنهن سان سڄي خاندان ۽ خاص ڪري ڳوٺاڻي عورتن جي ڏک ۾ اضافو ٿئي ٿو. ڊاڪٽر رياض شيخ چيو ته هي رڳو پاڻي جو سوال ناهي، هڪ پوري تهذيب جي تباهي جو سوال آهي. سنڌو نديءَ هڪ شاندار تاريخي تهذيب کي جنم ڏنو آهي، جيڪڏهن سنڌو سمنڊ ۾ نه ڇوڙجي ۽ ان جو پاڻي سنڌوءَ ۽ سمنڊ کان اڳ ڪنهن ٻئي هنڌ موڙيو وڃي ته پوءِ هيءَ عظيم سنڌو تهذيب ڪيئن بچندي؟ .