نيويارڪ(احمد نوراني)پنجاب جي وزيراعليٰ(ميڊم ميرٽ)صوبي ۾ ”زرعي انقلاب “جي نالي تي بنجر زمينن بدران سرسبز ۽ پوکي هيٺ زمينون طاقتور اداري حوالي ڪري رهي آهي،چيو پيو وڃي ته زرعي انقلاب جي نالي تي خوراڪ جي معاملي ۾ ملڪ کي پاڻڀرو بڻائڻ وارو پلان اصل ۾ عرب ملڪن جي پراجيڪٽ جو حصو آهي،عربن کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته جنگي بنيادن تي توهان لاءِ جنسن ۽ ڀاڄين جي پيداوار ڪئي ويندي،عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ باراني زمينن تي پوکي جو نعرو هنيو ويو،اصل ۾ اهو ڪم به سول حڪومت جي نگراني ۾ ٿيڻ گهرجي ها پر فوج ان منصوبي کي هلائي رهي آهي،پنجاب ۾ اڳ ۾ محسن نقوي کي وڏو وزير بڻائي زمينون الاٽ ڪرايون ويون،هاڻي شڪايتون اچي رهيون آهن ته اهي زمينون هاري،زميندار ڏهاڪن کان آباد ڪري رهيا آهن،انهن تي قبضو ڪيو پيو وڃي،ڪجهه ميڊيا ادارن پاران قرار ڏنل ”ميڊم ميرٽ“ ان پاليسي جي تسلسل ۾ هارين جي زمينن تي قبضا ڪرائي رهي آهي،پاڪ پتن ۾ متاثر زميندار هاءِ ڪورٽ پهچي ويا،انهن جو موقف آهي ته پنجاب جي اڳوڻي حڪومت(محسن نقوي) غلط طريقي سان سندن زمين فوج جي هڪ ڪمپني کي الاٽ ڪري ڇڏي آهي،مريم نواز قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ذريعي اسان کي هراسان ڪري رهي آهي،اها خبر صحافڻ بينظير شاهه به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي.
ايڇ آر سي پي پاران ڪي پي جي ضلعي ڪرم جي صورتحال ڳڻتي ظاهر
اسلام آباد(رپورٽر) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرم جي صورتحال تي فوري ڌيان ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جتي ڊگهي عرصي تائين قبائلي ۽ فرقيواراڻي تڪرار سبب ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿيا آهن، ايڇ آر سي پي موجب ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب علائقي جو ٻين علائقن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي، جنهن ڪري کاڌ خوراڪ ۽ طبي سامان سميت ضروري شين جي رسائي بند ٿي وئي آهي. اسڪول به وقفي وقفي سان بند ڪرڻا پيا آهن، بروقت طبي امداد نه ملڻ ڪري ڪيترائي بيمار ٻار ۽ پوڙها فوت ٿي ويا آهن، مخالف گروپن جي وچ ۾ جون 2023 ۽ ٻيهر آڪٽوبر ۾ جنگبندي تي اتفاق ٿيڻ باوجود ڇڪتاڻ سبب هڪ اندازي مطابق هن سال جولاءِ ۾ 49 ڄڻا مارجي ويا ۽ گهٽ ۾ گهٽ 190 زخمي ٿيا. سيپٽمبر ۾ 21 ماڻهو مارجي ويا ۽ آڪٽوبر ۾ گهٽ ۾ گهٽ 11 ڄڻا مارجي ويا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، ايڇ آر سي پي انهن رپورٽن تي پڻ تمام گهڻو پريشان آهي ته هٿياربند، تربيت يافته ويڙهاڪ شايد تشدد ۾ ملوث هئا، هن الزام کي سنجيدگي سان ورتو وڃي ۽ تحقيق ٿيڻ گهرجي. حقيقت اها آهي ته مقامي مخالف گروپن کي واضح طور تي ڳرن هٿيارن تائين رسائي جاري آهي ۽ رياست هن علائقي ۾ هٿيارن جي سپلا تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
وقت سر امتحان نه ٿيڻ خلاف ڪنٽرولر امتحان عدالت طلب
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايس ايم لاءِ ڪاليج جي شاگردن وقت تي امتحان نه ٿيڻ خلاف ڪيس ۾ ڪنٽرولر امتحان کي طلب ڪري ورتو، درخواستگذار بهراڊ علي سميت 15شاگردن داخل ڪئي، درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو ته 5 سال جي ڊگري کي 7سال ڪئي وئي آهي حڪومت 2019ع ۾ چيو ته جون جولاءِ ۾ امتحان ڪيا ويندا پر هن مهل تائين عمل نه ٿيو آهي. امتحان دير ٿيڻ سبب وقت ذيان ٿيو آهي، عدالت سان استدعا آهي ته وقت تي امتحان ڪرايا وڃن ته جيئن وقت ذيان نه ٿئي.