اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي حمايت يافته قومي اسيمبلي جي آزاد ميمبر اورنگزيب کچي چيو آهي ته پارٽي قيادت اسان جو سودو ڪيو آهي، مون پارٽي ۾ فارورڊ بلاڪ ٺهڻ کان روڪيو آهي، قيادت مون کي داد ڏي، قومي اسيمبلي ۾ وضاحت ڏيندي هن چيو ته منهنجي لاءِ چيو ويو ته مون پئسا ورتا آهن، جيڪڏهن مون هڪ رپيو به ورتو هوندو ته الله تعاليٰ مون کي تباهه ڪندو، اورنگزيب چيو ته پي ٽي آءِ وڏي پارٽي آهي، ايندڙ وقت ۾ تڪ جو عوام جيڪو فيصلو ڪندو اهو قبول هوندو، اورنگزيب جي تقرير دوران پي ٽي آءِ ميمبر گوڙ ڪندا رهيا، جنهن بعد ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.