جيڪب آباد ۾ ٽن وحشي جوابدارن پاران عورت سان اجتماعي زيادتي، 2 ڄڻا گرفتار

جيڪب آباد ( رپورٽ: حضور بخش سومرو+سڪندر سرڪي)  جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد موچي بستي ۾ ٽن ھٿياربندن شان جکراڻي، ٺارو جکراڻي ۽ واجد لغاري امتياز سرڪي جي گھر ۾ داخل ٿي سندس گھرواري مسمات ”ش“ کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، متاثر عورت جو مڙس پورهيت امتياز سرڪي شڪايت کڻي ٿاڻي تي پھچي ويو، انصاف فراھم ڪرڻ مطالبو ڪيو ويو،ھوڏانھن ايس ايس پي جيڪب آباد ڪيپٽن (ر) صدام حسين اجتماعي زيادتي جو شڪار ٿيل عورت جي ڪيس جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل ايس ايڇ او ٿاڻي جي صدر انسپيڪٽر سعيد احمد جماڻي کي فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جا سخت حڪم جاري ڪري ڇڏيا.جنھن کان پوليس پاران پوليس فوري ڪارروائي ڪندي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن ۾ شان جکراڻي ۽ واجد لغاري شامل آھن، جڏھن ته ھڪ جوابدار نادر جکراڻي جي گرفتاري عمل نه اچي سگهي آھي،  ايس ايس پي جيڪب آباد جو چوڻ آھي ته اجتماعي زيادتي جو شڪار ٿيل عورت جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويندو، معاملي جي وڌيڪ جاچ پڻ جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.