سنڌ ۾ جهنگ جو قانون قائم ڪيو ويو آهي:اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ ۾ جھنگ جو قانون آھي. جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو بادشاھ بنجي ڦرلٽ ۽ دھشت جو راڄ قائم ڪيو ويٺو آھي،هن چيو ته  سنڌو درياھ تي مسلسل ڌاڙن سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڀڙڀانگ ڪري ڇڏي آھي، سمنڊ ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي ساحلي پٽي وارا تعلقا  تيزي سان ڳڙڪائي رھيو  آهي، هن چيو ته  پيپلز پارٽي سنڌ کي بک، بدحالي، ڌاڙيل راڄ، منشيات، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ ۽ لاقانونيت جي باھ ۾ اڇلائي ڇڏيو آھي پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ ۾ تعليم، صحت، روزگار، زراعت، صنعت، آئي ٽي ٽيڪنالاجي، خوشحالي ڏيڻ بدران سنڌ جي ماڻھن کي پينو فقيرن جو لشڪر بنائڻ چاھي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.