لاڙڪاڻو(رپورٽ:جي ايم کوکر) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد بيت المال ڪالوني ۾ ڪارنهن تڪرار تان مبينا طور هٿياربندن جي فائرنگ هڪ عورت ۽ هڪ مرد قتل ٿي ويا تفصيل موجب لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنهن تڪرار تان زنگيجا ذات جي ماڻھن موٽر سائيڪل تي سوار 6 هٿياربندن فائرنگ ڪري ماهوٽا ڀرسان ڳوٺ ڪوڏراڻي جي رهواسي 50 ورهين جي نذير ڪوڏراڻي ۽ ڳوٺ گوڪل پور جي رهواسڻ عورت جي 38 ورهين جي فرزانه زنگيجو کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اھڙو اطلاع ملڻ تي حد جي دڙي ٿاڻي جي پوليس پهچي مارجي ويلن جا لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال آندا، ان موقعي تي مقتول جي پٽ تنوير علي زنگيجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 15 مهينا اڳ منهنجي والد نذير احمد ڪوڏراڻي ڳوٺ گوڪل جي واسڻ فرزانه زنگيجو سان لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ پيار پرڻو ڪيو هو، جنهن ڳالھه تان نظام زنگيجو پنهنجي پٽن ۽ ڀائٽين سان گڏجي منهنجي والد ۽ والده کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.