غلام رباني آگرو جي ياد ۾

تحرير: ڊاڪٽر ام هاني سنڌو عيساڻي

سنڌ جو ناليوارو ڪهاڻيڪار ۽ اديب غلام رباني آگري جو تعلق ڪنڊياري تعلقي جي ڳوٺ محمد خان آگري سان هو. سندس والد جو نالو عبداللطيف آگرو هو. جيڪو پيشي جي لحاظ کان استاد هو ۽ بعد ۾ تعليم کاتي ۾ انسپيڪٽر مقرر ٿيو. هو پڻ پنهنجي دور جو مڃيل استاد هو. غلام رباني آگرو تعلقي ڪنڊياري جي ڳوٺ ’محمد خان آگري ‘۾ 5 نومبر 1933ع تي ڄائو. هن جو ٻاروتڻ ڳوٺ ۾ ئي گذريو. پنهنجي تر جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان تعليم پرائي عملي زندگيءَ ۾ پير پاتائين ۽ وڏا عهدا ماڻيائين. 1959ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو .5 سالن کانپوءِ 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پرو وائيس چانسلر مقرر ٿيو ،تڏهن شيخ اياز وائيس چانسلر جي عهدي تي هو .1980ع ۾ رباني صاحب واپس سنڌي ادبي بورڊ موٽي آيو. 1984ع جي آخر ۾ هو اڪادمي ادبيات پاڪستان        اسلام آباد جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيو ،جتي سالن کان پوءِ کيس چيئرمين جي عهدي تي ترقي ڏني وئي .انهيءَ عرصي دوران کيس لاهور ۾ مرڪزي ادبي بورڊ( جنهن کي هاڻي اردو سائنس بورڊ چيو وڃي ٿو )۽ اسلام آباد ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ فار ڪلچر ائنڊ ريسرچ ادارن جون اضافي ذميواريون پڻ ڏنيون ويون. رباني صاحب ،اسلام آباد ۾ چيئرمين اڪيڊمي آف ليٽرس رهڻ کان پوءِ ،فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ٿيو ۽ 1996ع ۾ اتان رٽائر ڪيائين.

غلام رباني آگري جي وفات 18 جنوري  2010ع  تي ٿي .سندس مزارڪنڊياري لڳ سندس ڳوٺ آڳڙا ۾ واقع آهي .گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جو نالو سندس ئي نالي پويان غلام رباني آگرو ڊگري ڪاليج رکيو ويو آهي. آگري صاحب کي ڪيترائي ايوارڊ مليا جن ۾ صدارتي ايوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي سميت ٻيا ايوارڊ شامل هئا. آگري صاحب جا ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن،

آگرو صاحب ترقي پسند ڪهاڻيڪار سان گڏ هڪ حقيقت نگار ڪهاڻيڪار پڻ آهي. سندس ڪهاڻيون فني ۽ فڪري حوالي کان بلڪل پوريون آهن ان ۾ ڪنهن به قسم جو جھول نظر نه ٿو اچي.سندس ڪهاڻين جي وڏي خوبي اها آهي،ته سندس ڪهاڻين ۾ سماج جا ڇرڪائيندڙ عڪس پيش ڪيا آهن. سندس ڪردار هن سماج مان کنيل آهن، جيڪي مختلف موقعن تي درد جي درياهه مان به اڪرن ٿا ته روايتن ۽ سماجي بندشن جي قيد ۾ زندگي جي پيڙا ڀوڳين ٿا. ھُن پنھنجي ڪھاڻينءَ وسيلي سماجي وايو منڊل ۾، مُنجھيل فرد جي ذھني انتشارن کان ويندي محبت جي ديو مالائي ڪائنات تائين جا پرت وائکا ڪيا آهن. هن جاگيردار سماج جي به ڪلئي لاٿي آهي ته رشتن ۽ ناتن جي بي اعتباري تان پڻ پردا کنيا آهن. هن پنهنجين ڪهاڻين ۾ سماج جي سياسي اٿل پٿل، معاشي ۽ اقتصادي حالتن جو به عڪس پيش ڪيو آهي. آگري صاحب پنهنجين ڪهاڻين ۾ حقيقي ڪردارن کي نروار ڪيو آهي. سندس ڪهاڻين جو گهرائي سان مطالعو ڪندي اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته هو بنيادي طور تي ترقي پسند ڪهاڻيڪار آهي، جيڪو فرد جي گهرجن، درد، ڏک، تڪليف، بک، بدحالي، بيچيني، بيماري ۽ لاچاريءَ کي اتي الله تعاليٰ انسان جي اندر ۾ رھي ٿو. اسان انسانيت کي راضي ڪيو ته سمجھيو الله کي اسان راضي ڪيو.

سندس ڪردار هن سماج مان کنيل آهن، جيڪي مختلف موقعن تي درد جي درياهه مان به اڪرن ٿا ته روايتن ۽ سماجي بندشن جي قيد ۾ زندگي جي پيڙا ڀوڳين ٿا. ھُن پنھنجي ڪھاڻينءَ وسيلي سماجي وايو منڊل ۾، مُنجھيل فرد جي ذھني انتشارن کان ويندي محبت جي ديو مالائي ڪائنات تائين جا پرت وائکا ڪيا آهن. هن جاگيردار سماج جي به ڪلئي لاٿي آهي ته رشتن ۽ ناتن جي بي اعتباري تان پڻ پردا کنيا آهن. هن پنهنجين ڪهاڻين ۾ سماج جي سياسي اٿل پٿل، معاشي ۽ اقتصادي حالتن جو به عڪس پيش ڪيو آهي. آگري صاحب پنهنجين ڪهاڻين ۾ حقيقي ڪردارن کي نروار ڪيو آهي. سندس ڪهاڻين جو گهرائي سان مطالعو ڪندي اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته هو بنيادي طور تي ترقي پسند ڪهاڻيڪار آهي، جيڪو فرد جي گهرجن، درد، ڏک، تڪليف، بک، بدحالي، بيچيني، بيماري ۽ لاچاريءَ کي پنهنجين ڪهاڻين جو موضوع بڻايو آهي. هن پنهنجين ڪهاڻين ۾ جيڪي ڪردار کنيا آهن اهي عام سماجي ڪردار آهن جيڪي اسان جي ويجھي معاشري جا آهن.ان کان سواءِ جيڪو ڪهاڻين ۾ روپ ملي ٿو اهو هن جي ڪهاڻين ۾ حقيقت جو عنصر تمام گھڻو ملي رهيو آهي ان جي تمام سهڻي نموني سان نشاندهي ڪئي وئي آهي. ڪهاڻين جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پهچي ٿو واقعي هن جي ڪهاڻين ۾ مهارت جو استعمال ٿيل آهي، ۽ حقيقت کي درست معنيٰ ۾ پيش ڪري حقيقت نگار ڪهاڻيڪار لڳي ٿو.

ان حوالي سان شمس الدين عرساڻي لکي ٿو ته: ”جمال ابڙي کان پوءِ عالم رباني ٻيو فنڪار آهي جنهن ڳوٺاڻي ماحول ۽ مقامي زندگيءَ جي رنگ ڍنگ کي پنهنجي ڪهاڻين جو موضوع بنائڻ ۾ سڀني کان اڳ پيش رفت ڪئي. هن کان اڳ پيدا ٿيل روايت کي اڳتي وڌايو ۽ ذوق ۽ مطالعي جي آڌار تي ان ۾ اڃا به پختگي آندي. ٿوري وقت ۾ ئي هن جي لکڻين ۾ فني شعور سمايل آهي. جنهن مان سندس مهارت ۽ ادبي حسن جو ثبوت ملي ٿو”. آگري صاحب افسانا ٿورا لکيا آهن. سندس افسانن جو ” آب حيات“ جي نالي سان مشھور آهي، جيڪو 1960ع ۾ شايع ٿيو. تنهن مجموعو لاءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته:”ربانيءَ جو افسانو ”آ ِب حيات“ ڏند ڪٿائي انداز سان مقبول ٿيو.بري هن ڀنڀور ۾ آگري صاحب ”شيدو ڌاڙيل”اخبار“ ۾ سماجي مسئلن کي حقيقت نگاريءَ واري انداز ۾ ٻوڙين پاتال ۾”بيان ڪيو آهي ۽ طبقاتي نظام کي پنهنجن افسانن جو منفرد موضوع بڻايو اٿس. آگري صاحب جي ڪهاڻين تي شيخ اياز پنهنجي راِءِ ڏيندي لکي ٿو ته، ”ربانيءَ جون ڪهاڻيون “غريبن جي جهوپڙيءَ”، ”پن ٻوڙين پاتال ۾”بري هن ڀنڀور ۾“ سنڌ جي ”شيدو ڌاڙيل“ ۽ ”هوندا سي حيات“ پيڙهيل ۽ ڏتڙيل عوام سان گهري دلچسپي ۽ همدردي سبب سنڌي ادب جو الزوال حصو بڻجي چڪيون آهن. هن جيڪو ڪجهھ انهن ڪهاڻين ۾ لکيو آهي سو سنڌ جي مظلوم عوام جي باري ۾ واضح آهي هن جي روح مان ائين نڪتو آهي جئين ڪنهن گهري زخم مان خون نڪتو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.