ڇا غزا ۽ وچ اوڀر ۾ ڪوس يهودين جي تاريخ جو ورجاءُ آهي؟

تحرير: ڊاڪٽر سڪندر مغل

گذريل هڪ سال کان هلندڙ فلسطين جي علائقي غزا تي اسرائيلي بمباري ۽ فلسطيني ماڻهن، عورتن ۽ ٻارن جو قتلِ عام بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي جاري آهي ۽ روزانو سوين فلسطيني قتل ٿي رهيا آهن. هن اسرائيلي جارحيت جا پيرا اسان کي يھودين جي تاريخ ۾ ملن ٿا ۽ ان تاريخ جو وڏي ۾ وڏو ثبوت سندن مذهبي ڪتاب – بائيبل آهي. بائيبل پڙهڻ سان هڪ ماڻهوءَ کي يھودين جي قومي نفسيات ۽ وحشياڻي فطرت جو بخوبي اندازو ٿي وڃي ٿو. هتي اسان بائيبل جا ڪجهه ٽڪرا، حوالن طور ڏيون ٿا، جن مان توهان کي ان ڳالهه جو اندازو ٿي ويندو ته اڄ جا اسرائيلي يھودي، تاريخي طور پنھنجن ابن ڏاڏن ۽ مذهبي ليڊرن کان ظلم ۽ بربريت ۾ گهڻو مختلف نه آهن.

بائيبل جي ڪتاب ”ڳاڻيٽي“ جي باب 31، بيت/ آيت 13 ۾ هي چيل آهي:”۽ موسيٰ ۽ پادري اليعزر ۽ اجتماع جا سمورا سردار منزل گاهه کان ٻاهر هنن سان ملڻ لاءِ اڳتي ويا ۽ موسيٰ لشڪرن جي عملدارن مٿان، سون هزارن کان مٿي سپھه سالارن مٿان (جيڪي جنگ کان واپس آيا هئا( غضب جو ڪاوڙجي پيو ۽ انھن کي چيائين: ”ڇا توهان سمورين عورتن کي جيئرو ڇڏيو آهي؟ ڏسو، انھن ئي بلعام جي چوڻ تي فغور واري ڳالهه ۾ خداوند جي برخلاف بني اسرائيل کي گناه گار ڪيو، جنھن ڪري خداوند جي جماعت ۾ طاعون بيماري پکڙجي وئي، تنھن ڪري هاڻي ٻارن مان هر نر کي قتل ڪيو ۽ هر ان عورت کي قتل ڪيو، جنھن ڪنھن مرد سان همبستري ڪئي آهي پر اهي سڀ عورتون توهان پنھنجي لاءِ زنده رکو، جن ڪنھن به مرد سان همبستري نه ڪئي آهي“.

وري ٻئي هنڌ، ڪتاب بادشاه 2، باب 15، بيت 16 ۾ هيئن چيو ويو آهي:

”مناهم، تفسحه شھر کي شڪست فاش ڏني، ڇاڪاڻ جو هنن اهو شھر هن لاءِ نه کوليو ۽ ان شھر ۾ جيڪي به عورتون پيٽ سان هيون، تن جو پيٽ ڦاڙيو.“ موسيٰ جي پونئير يشوع ڪيترن ئي شھرن تي قبضو ڪيو ۽ اتان جي رهاڪن جو قتل عام ڪيو: پڙهو ڪتاب يشوع باب 8، بيت 21 ۽ 22:”تڏهن هو پٺتي موٽيا ۽ عني جي ماڻهن کي قتل ڪيائون……….. ۽ هنن انھن کي ايتري قدر ماريو جو انھن مان هڪڙو به باقي نه بچيو.“ غزه ۾ به فلسطينين جي نسل ڪشي جاري آهي. ڪتاب يشوع، باب 10، بيت 13-12:”جنھن ڏينھن خداوند امورين کي بني اسرائيل جي حوالي ڪيو، تنھن ڏينھن يشوع خداوند کي عرض ڪيو ۽ بني اسرائيل جي اڳيان چيائين ته اي سج، تون جبعون تي ۽ اي چنڊ، تون ايالون جي واديءَ ۾ بيٺو رهه ۽ سج هڪڙي هنڌ بيھي رهيو ۽ چنڊ به ترسي پيو، جيستائين ڪه انھن ماڻهن پنھنجي دشمنن کان وير پئي ورتو“. يعني جيستائين ماڻهن جو قتلام پنھنجي انجام تي نه پھچي. ڪتاب يشوع، باب 10، بيت 20:”مقيده ۾ غار ۾ لڪل پنجن بادشاهن کي يشوع ماريو ۽ قتل ڪيو ۽ پنجن وڻن تي لٽڪائي ڇڏيائين“. ”پوءِ يشوع مقيده مان لنگهي لبناهه ۾ ويو ۽ لبناهه سان جنگ ڪيائين………. ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ منجهه هئا، تن سڀني کي ترار جي ڌار سان ماريو، ڪو به ڪونه ڇڏي ڏنائين“. (باب 10، بيت 29، 30(. ”پوءِ يشوع عجلون ۾ آيو…………… ۽ انھيءَ ۾ جيڪي ماڻهو هئا، تن کي ترار جي ڌار سان ماري ڇڏيائين“. (باب 10، بيت 35( ڪتاب يشوع، باب 6، بيت 21 ۽ 22:”۽ ماڻهو چڙهي يريحو شھر ۾ ويا………….. ۽ هنن شھر وٺي هٿ ڪيو ۽ جيڪي به شھر ۾ هو يعني مرد توڙي زالون، ننڍا توڙي وڏا، ڏاند، رڍون ۽ گڏهه، تن سڀني کي ترار جي ڌار سان صفا ناس ڪري ڇڏيائون.“.

هي ته رڳو موسيٰ ۽ هن جي جانشين سپھه سالار يشوع جي ظلمن جا قصا آهن، بائيبل جي ٻين ڪردارن جي ظلمن ۽ بربريتن جا قصا انھن کان علاوه آهن.  بادشاهن جي ٻئي ڪتاب جي 10 باب ۾:”ٻارڙن جي کوپڙين سان ڀريل ٻن ٽوڪرين جو احوال ڏنو ويو آهي، جن جو تعداد 70 هو، جيڪي شھر جي مک دروازي تي رکيون ويون هيون. اهي اخي اب جا ٻار هئا ۽ ياهو جي حڪمن تي قتل ڪيا ويا هئا“. غزه ۾ به ابھم ٻارن جو قتلام جاري آهي.

عام طور اهو سمجهيو ٿو وڃي ته يھودي، جڏهن مصر ۾ رهندا هئا، مصر جو بادشاهه – فرعون، هنن مٿان وڏو ظلم ۽ زيادتيون ڪندو هو، جنھن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هنن حضرت موسيٰ جي اڳواڻيءَ ۾ مصر مان هجرت ڪئي، سندن خداوند يھوه طرفان هيٺين ٻن نام نھاد واعدن سان ته:

(1) هو يھوه جي چونڊيل قوم آهن.

(2) يھوه هنن کي ڪنعان جي سرزمين ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي.

هنن ڪنعان جي پرامن شھرين جو قتلام ڪيو ۽ انھن جي سرزمين تي ناجائز قبضو ڪيو. اهڙي طرح ڪنعان جي سرزمين تي يھودين پنھنجي ناجائز قبضي کي مذهبي رنگ ۽ جواز ڏنو. اڄ به يھودي، فلسطين جي سرزمين تي پنھنجو مذهبي طور جائز حق سمجهن ٿا.

ٿامس پين، مشھور آمريڪي ڏاهو، پنھنجي ڪتاب “The Age of Reason” ۾ يھودين بابت هيئن لکي ٿو، ”ڇا اسان پاڻ کي اهو فرض ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهون ٿا ته خدا، ماڻهن جي ڪنھن به قوم کي، هن جي منتخب قوم جي نالي سان چونڊي، اسان انھن ماڻهن کي لازمي طور ائين سمجهون ته اهي ٻي سموري دنيا آڏو نج پارسائيءَ ۽ انسانيت جو مثال هئا ۽ نه رهزنن ۽ ڪنڌ ڪپيندڙن جي هڪ قوم، جيئن قديم يھودي هئا. هڪ اهڙي قوم جيڪا يشوع، سيميوئل ۽ دائود جھڙن راڪاسن ۽ ٻھروپين طرفان بگاڙي وئي ۽ انھن جو نقل ڪندي، وحشت ۽ بربريت ۾ هن ڌرتيءَ جي سيني تي ٻين سمورين قومن کان پاڻ کي وڌيڪ نمايان بڻائي ڇڏيو.“ اڄ به ٿامس پين جي هيءَ ڳالهه ڪيڏي نه سچي ٿي لڳي.پڙهو ”ايج آف ريزن“، جو سنڌي ترجمو: عقل ۽ مذهب: صفحو 88)

نام نھاد واعدي ڪيل سرزمين (ڪنعان) تي ناجائز قبضو ڪري ڇڏڻ ۽ ان جي پُراَمن رهاڪن جو صفايو ڪري ڇڏڻ کان پوءِ يشوع، ان سرزمين کي بني اسرائيل جي مختلف قبيلن/ فرقن وچ ۾ ڪڻا ڪڍي ورهايو (ڪتاب يشوع باب 18، 19، 20، 21، 22)”۽ جيڪي ملڪ بني اسرائيل کي ڪنعان جي سرزمين ۾ ورثو ٿي مليا، سي هي آهن ۽ اهي اليعزر ڪاهن ۽ يشوع بن نون ۽ بني اسرائيل جي فرقن جي بزرگن انھن کي ورهائي ڏنا. اهو ورثو ڪڻن وجهڻ سان ورهايو ويو هو، جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت انھن نَون فرقن ۽ اڌ فرقي کي ڏيڻ جي لاءِ حڪم ڪيو هو.“ (ڪتاب يشوع، باب 14، بيت 1،2،3)

1948ع ۾ به برطانيه ۽ آمريڪا هڪ طرح جو ڪڻو ڪڍي، فلسطين جي سرزمين اسرائيلين جي حوالي ڪئي هئي ۽ اسرائيلي رياست قائم ڪرائي هئي.

يھودين سان سندن يھوه ٻه واعدا ڪيا:

(1) حضرت ابراهيم سان اهو عھد ڪيو ته مان تنھنجو نسل وڌائيندس. آءٌ پنھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ توکان پوءِ تنھنجي نسل جي وچ ۾، انھن جي سڀني پيڙهين لاءِ ابدي عھد ڪندس…….. آءٌ توکي ۽ توکان پوءِ تنھنجي اولاد کي هيءَ سرزمين يعني ڪنعان جو سارو ملڪ، جنھن ۾ تون پرديسي آهين، سو هميشه جي لاءِ قبضي ۾ ڏيندس. (ڪتاب پيدائش: باب 17، بيت 18 – 1).

(2) حضرت موسيٰ سان هي عھد ڪيو:

”خداوند موسيٰ کي جبل تي سڏي چيو تھ تون يعقوب جي خاندان کي هيئن چئو ۽ بني اسرائيل کي ٻڌاءِ ته اوهان ڏٺو آهي ته مون مصرين سان ڇا ڇا ڪيو ۽ ڄڻ ته اوهان کي عقاب جي کنڀن تي کڻي پاڻ وٽ آندو اٿم. تنھن ڪري هاڻي پَڪ سمجهو ته جيڪڏهن اوهين منھنجو چيو مڃيندا ۽ منھنجي عھد تي قائم رهندا ته اوهين ٻين سڀني قومن منجهان منھنجي لاءِ هڪڙو خاص خزانو ٿيندا، ڇا لاءِ جو ساري زمين منھنجي آهي ۽ اوهين منھنجي لاءِ هڪڙي ڪاهن جي بادشاهت ۽ هڪڙي پاڪ قوم ٿيندا“. (ڪتاب خروج: باب 19، بيت 6 – 3(.

اڄ جيڪو ڪجهه يھودي، فلسطين ۾ ڪري رهيا آهن، اهو سڌو سنئون يھوه جي موسيٰ سان ڪيل عھد جي صريحاً انحرافي ۽ ڀڃڪڙي آهي، ڇو ته هن عھد ۾ شريعت جي پابندي به شامل آهي؛ ان ۾ ڪوتاهيءَ جي سزا، يھوه طرفان سخت مقرر ٿيل آهي. يھودي قوم، يھوه سان ڪيل پنھنجي عھد تان بار بار ڦري ويندي هئي ۽ ان ۾ مختلف برايون گهر ڪري وينديون هيون، جنھن جي پاداش ۾ يھوه هنن مٿان ڪنھن ٻي قوم جو حملو ڪرائي ڇڏيندو هو، جنھن سان هو سخت مصيبت ۾ پئجي ويندا هئا. اهڙي موقعي تي بني اسرائيل توبھه تائب ٿيندو هو ۽ يھوه جي رحمت جو طلبگار ٿيندو هو. يھوه اهڙي طرح هنن کي معاف ڪري ڇڏيندو هو ۽ حملي آورن کي هنن تان هٽائي ڇڏيندو هو پر ڪجهه عرصو راههِ راست تي رهڻ کان پوءِ يھودي وري پنھنجي روش بدلائي ڇڏيندا هئا، اهڙي طرح اهو سلسلو هلندو رهندو هو (پڙهو ڪتاب: دنيا ڪي بڙي مذاهب: عماد الحسن آزاد فاروقي(.

اڄ جي اسرائيل جا يھودي، پنھنجن پونيئرن جو تسلسل آهن ۽ بطور هڪ نسل جي تمام گهڻو مذهبي آهن،هنن جي ذهنن ۾ اها به خوش فھمي ۽ احساس برتري ويٺل آهي ته هو يھوه (سندن خدا ( جي خاص چونڊيل قوم آهن، جنھن هنن کي فلسطين جي سرزمين ڏيڻ جو خود واعدو ڪيو آهي. فلسطيني عوام ۽ اسرائيلي رياست جي طاقت وچ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. آمريڪي بمن ۽ بارود سان اسرائيل، غزه کي هڪ قبرستان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. اڄ اسرائيل جو خوني، جنگي ڏوهن جو مرتڪب وزير اعظم نيتن ياهو، مشرق وسطيٰ جو نقشو تبديل ڪرڻ جي هام هڻي رهيو آهي، جنھن جي پٺيان سپر پاور آمريڪا ۽ ناٽو جا ملڪ آهن، هونئن به ماضيءَ ۾ وڏيون جنگيون کٽندڙ ملڪ ئي دنيا جو نقشو پنھنجي مرضيءَ سان نئين سر جوڙيندا رهيا آهن، هينئر به دنيا ۾ ٻه وڏا بلاڪ جڙي رهيا آهن: هڪ آمريڪا ۽ ناٽو جا ملڪ ۽ ٻيو چين ۽ روس جي سربراهيءَ ۾ ٺھيل برڪس جو اتحاد. اهي ٻئي بلاڪ انسانذات کي هڪ نئين عالمي جنگ ڏانھن ڌِڪي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.