ٽرمپ اچي ويو ته ڇا خان به ٻاهر اچي ويندو؟

تحرير: وسعت الله خان

جڏهن کان ھي ملڪ  ٺهيو آھي تڏھن کان اسان کي بس ٻن قسمن جي چونڊن ۾ دلچسپي آهي. عوام کي  انتظار رهندو آھي تھ ان کي وري ڪڏھن بيلٽ باڪس جي زيارت نصيب ٿيندي.ان دٻي ۾ جيترا ووٽ پوندا انھن کي ڳڻيندو ڪير۽ڳڻپ کان پوءِ به وزيراعظم ڪير بڻجندو ۽ ان کي اصل ۾ڪير چونڊيندو ۽ ڪيترن سالن لاءِ ؟

ٻيون آمريڪا جون صدارتي چونڊون آهن. پر ان ۾ عام ماڻھن کان حڪمران اشرافيه جي وڌيڪ دلچسپي آهي. ڇاڪاڻ ته جيترو يقين ديسي اشرافيه کي پنهنجي ماڻهن جي سمجهه ٻجھھ تي آهي، ان کان ڏھوڻ تي ڀروسو  واشنگٽن جي جنبش ابرو( اک جي اشاري) تي آهي.ھاڻي تھ خير، اها ڳالهه  ناهي رهي، پر ڪجهه سال اڳ تائين، آمريڪي صدارتي نتيجن تي اسان جي قومي ڌيان جو اھو عالم ھو تھ  ”آقا جو لڙکڙايا تو نوڪر ڦسل گيا.“

ھڪ عام آمريڪي کي پنهنجي صدر جي باري ۾ شايد  ايترو معلوم  نه ھجي جيترو اسان نسل در نسل  ٻڌائيندا  آيا آهيون. مثال طور، اھو ئي تھ لياقت علي خان ڪھڙي طرح اسٽالن جو دعوت نامو ٺڪرائي صدر ٽرومين جي ڪوٺ قبول ڪري ورتي  ۽ اها ڪوٺ اڄ ڏينهن تائين اسان جي هر سادي و خاڪي حڪمران جي ڳچيءَ ۾ ٽنگيل ( اٽڪيل )آهي.ڪئين سالن کان روايت رهي آهي ته جڏهن به ڪو صدر يا وزير اعظم جي عهدي جو حلف کڻندو آهي ته سڀ کان پهرين سلام ڪرڻ رياض ۽ پوءِ بيجنگ ويندو آهي. پر آمريڪا مان جيڪڏھن دوري جي دعوت ڇوڙ مبارڪبادي جو فون به نه اچي ته پوءِ اسان جي ڪرسي تي ويھڻ وارن کي برابر لڳندو رھندو آھي تھ شايد زندگيءَ ۾ سڀ ڪجهه ملڻ باوجود هڪ فوٽو جي کوٽ رھجي وئي. وائيٽ هائوس جي اوول آفيس ۾ آمريڪي صدر جي ڀر ۾ ويٺي تصوير ڇڪي تھ  پوءِ ڪھڙي بادشاهي ؟

ڀلي اوباما جي سامهون ھڪ منٽ بعد ڳلي جي خشڪي سبب کڻڪار ڪندي نواز شريف وانگر ھٿ ۾”ڪھڙي ڪھڙي ڳالھھ ڪرڻي آھي“  جي پرچي ئي ڇو نھ ڦاٿل ھجي.پري ڇو وڃون اسان جي ھن کان اڳئين وزيراعظم عمران خان جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ سان ملي ڪري  اسلام آباد ايئرپورٽ تي لٿو تھ ھجوم ڏسي ڪري بقول خانصاحب ”ائين پي لڳو جھڙوڪر مان ورلڊ ڪپ کٽي اچي رھيو آھيان“ ۽ جڏهن بائيڊن کيس ڪڏهن ڪال نھ ڪئي تھ بي چين خانصاحب جي وات مان ھڪ ڏينھن نڪري ئي ويو تھ”مون کي بھ ھن جي ڪال جو انتظار نه آهي“.يعني شاعر اصل ۾ چئي رھيو آھي تھ ”جا جا مين توسي نھين بولون“

پوءِ بھ دٻدٻي جو اھو عالم آھي جو  آمريڪي پرڏيھي کاتي جي ٻي صف جو اھلڪار ڊونلڊ لو، جنهن کي سندس گهر ڀاتين ٻئي ڀيري ٻوڙ گھرڻ تي گھوريندا ھوندا ان جو ھڪڙو جملو ئي اسان جي خدائي کي لوڏي ڇڏڻ لاءِ ڪافي آهي.

آمريڪا ٻين لاءِ سپر پاور هوندو. اسان لاءِ اهو مسلسل ذهني ڪيفيت جو نالو آهي. جيڪڏهن آمريڪا اسان جي ليکي بار بار اسان سان بيوفائي نه ڪري ها ۽ گوناگون خدمتن جي عيوض جيتري ڏھاڙي ٺھي ٿي اوتري ئي ڏئي ڇڏي ھا ته اڄ اسان جا چين سان به ايترا ئي سٺا تعلقات هجن ها، جيترا ايران سان آهن. پوءِ بھ اسان سنھري يادگيريون ويڙھي سھيڙي سنڀالي سنڀالي رکي ڇڏيون آھن،مثال اڄ جي آمريڪي لونڊ لپاڙن کي لنڊن بي جانسن جي باري ۾ شايد  ئي معلوم آھي. پر اسان بشير ساريان ۽ صدر جانسن جي دوستي جي ڪھاڻي پاڻ کي نسل در نسل منتقل ڪئي آھي.

صدر ايون جو جان ايف ڪينيڊي جي دعوت تي ڏھھ  ڏينهن جو اسٽيٽ وزٽ  ۽ سندس زال جيڪولين سان گڏ گھوڙي سواري جي واڇون کليل تصويرون، ضياالحق جي وائٽ ھائوس جي لان ۾ صدر ريگن سان ٽھلڻ جو بصري لمحو، پرويز مشرف جي صدر بش جي ڪن ۾ ڪجهھ چوڻ واري تصوير ( حلانڪھ جيڪا ڳالھھ بش کي ڪن ۾ ٻڌائي وئي سان بش کي اڳ ئي معلوم ھئي)يا وري پرڏيھي وزير ھيلري ڪلنٽن سان شاهه محمود قريشي جي مٿي ملائڻ واري، آرسي مصحف (شادي ۾ جلوي ڏيکارڻ جي رسم تصوير.( ٻيو ڇا گھرجي آمريڪا کان.اسان جي سياسي ۽ عسڪري نسلن لاءِ تھ  اهي تصويرون پڻ بيش بھا اثاثو آهن.پوءِ بھ اسين اڄ  تائين ان اداسي ۾ ڦاٿا پيا آهيون تھ آمريڪا اسان کان ورتو گهڻو ۽ بدلي ۾ ڏنو گھڻو گھٽ. جڏهن ته آمريڪين جو خيال آهي ته پاڪستانين بس رڳو ورتو ئي ورتو آهي.

اسين جنهن رشتي کي وفا ۽ بي وفائي جي ساهمي ۾تورڻ کان باز نھ ٿا اچون، آمريڪا ان کي خدمت ۽ معاوضي جي ميزان ۾ رکي ٿو.نھ ڄاڻ ڪنھن لال ڀجڪڙ (عقل جي انڌي ) ھڪ ٻي ڳالھھ اسان جي اشرافي نفسيات ۾ وجھي ڇڏي تھ جڏهن  ريپبلڪن صدر ايندو آهي ته اسان جو ڪنھن ڊيموڪريٽ صدر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خيال رکي ٿو ۽ اهو بھ ته ڊيموڪريٽڪ جو  روايتي جھڪاءَ هندستان ڏانهن آهي.ته اسين جيئن تھ مشرقي روايتن جا ماريل آھيون تنھڪري هر ڀيري وساري ويھندا آهيون ته ملڪن جي ياري نھ ھوندي آھي بلڪھ مفادن جي هم آهنگي کي دوستي جي پوشاڪ پارائي ويندي آھي.جڏهن مفاد پورو ٿي ويندو آھي تھ پوشاڪ بھ واپس ورتي ويندي آھي.

جيڪي دور انديش اڳواڻ ان دوستيءَ جي عرصي کي غنيمت سمجھندي ذاتي ڪپڙا سبرائي وٺندا آھن.انهن کي پرائي خلعت لھڻ ۾ گھڻو جھٽڪو ناهي لڳندو.پر جي ڀورا بادشاھ اجرتي پوشاڪ کي ذاتي سمجهي وٺن ٿا، اھي بعد ۾ تن ڍڪڻ جي لاءِ انجير جا پن  ڳوليندا وتندا آھن.مان تڏھن اسڪول ۾ پڙھندو هئس جڏهن يحيٰ خان آمريڪا چين لاڳاپن جي بحاليءَ لاءِ سهولتڪاري ڪئي ھئي ۽ صدر نڪسن ۽ سندس قومي سلامتي جي صلاحڪار هينري ڪسنجر پاڪستان جي ان احسان جو بار بار ذڪر ڪرڻ نه وساريندا هئا.جڏهن ان ئي نڪسن انتظاميا بنگالي نار ۾ ستون بحري ٻيڙو موڪليو تھ اسان جي فوجي قيادت کي ائين لڳو  ڄڻ آمريڪا اوڀر پاڪستان کي هندستان کان بچائڻ اچي ويو آهي. ريڊيو پاڪستان جي هر بليٽن ان خبر سان شروع ٿيندي ھئي ته اڄ ستون بحري ٻيڙو اوڀر پاڪستان کي ڪيترو ويجهو پهچي چڪو آهي. پوءِ اوچتو ئي ستين بحري ٻيڙي پنھنجو رخ موڙيو ۽ اوڀر پاڪستان جي باري ۾آخري اميد  اسان کان منھن ڦيري وئي.۽ يحيٰ رجيم لاءِ مٺي زبان  واري ان ئي هينري ڪسنجر، ايندڙ حڪمران ذوالفقار علي ڀٽي کي پنھنجي جوھري پروگرام روڪڻ جي لاءِ کليل ڌمڪي ڏني ۽ پوءِ ايندڙ حڪمران ضياءُ الحق کي آزاد دنيا جو  ھر اول سپهه سالار سڏي ڪري،ريپبلڪن ريگن ڳلي لڳايو ۽ پوءِ ايندڙ انتظاميا افغان جهاد  جي مدت دوران پاڪستان کي ائٽمي پيش رفت ان مستسني ٰ رکڻ  جو سرٽيفڪيٽ واپس وٺي، ايف 16 جنگي جهازن جي خريد ڪيل کيپ بھ ضبط ڪري ورتي ۽ نوي جو پورو ڏهاڪو  ائين ئي گذري ويو.

نائن اليون کان پوءِ جڏهن آمريڪا ھڪ ڀيري وري  مسڪرائي ڏٺو تھ هڪ ڀيرو ٻيهر اسين خوشيءَ مان ترو تازا ٿي وياسن.  ٻه طرفا ماضيءَ رات وچ ۾ معاف ٿي ويا. حال سونهري ۽ مستقبل روشن نظر اچڻ لڳو. جيئن ئي افغانستان مان آخري آمريڪي فوجي نڪتو، اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن تون ڪير ۽ آئون ڪير.پر اڄ به اسان جا ڪيترائي لطيف کوسا  خوشيءَ مان ڪڏندي چئي  رهيا آهن ته بس ڏسجو جيئن ٽرمپ اچي ٿو، خان به ٻھار اچي ويندو. هي فارمي سيٽ اپ تھ ٽرمپ جي ھڪ فون جي مار آهيپر ڀائرو، جيڪڏهن ڪملا هيرس اچي وئي تھ پوءِ ؟هاءِوي ساڍيان سادگيان تي نيازمنديان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.