فرض ڪريو ته حڪمرانن جي حمايت جي ھوا ھلي پئي آهي ته پوءِ عوام کي ٻڌائجي ته ان جو رخ ڪهڙو آهي؟ ڇا اها راولپنڊي کان هلي پئي آهي يا آمريڪا کان ؟ ڇو ته پاڪستان ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هوائن جو رخ انهن ٻنھي مان ڪنهن هڪ طرف جو هجڻ ضروري آهي.
هارين ۾ ٽريڪٽر ورهائڻ واري سرڪاري تقريب ”گرين پنجاب“ کي خطاب ڪندي پنجاب جي وڏي وزيرجو چوڻ ھو ته؛ مخالف به چون ٿا ته ’سندن‘ حمايت ۾ ھوا ھلي پئي آهي. ڇا زميني حقيقتون وڏي وزير جي ان دعويٰ جي تصديق ڪن ٿيون؟ ڇا پنجاب ۾ کير جون نديون وهن پيون ؟ جيڪڏهن ائين نھ آھي تھ پوءِ يقينن صورتحال اهڙي نه آهي، جھڙي وڏي وزير جي متحرڪ ميڊيا ٽيم تصوير ڪشي ڪري رھي آهي. اهو الڳ بحث آهي ته سينسرشپ جي ھن دور ۾ ميڊيا ڪيتري آزاد آهي!
آخر اهي ڪهڙا سبب آهن جن جي بنياد تي وڏي وزير کي لڳي ٿو ته رڳو 8 مهينن جي وڏ وزارت ۾ مسلم ليگ ن جي حمايت جي ھوا هلي پئي آهي؟ ڇا پنجاب جي سرڪاري ادارن ۾ رشوت ختم ٿي وئي آهي؟ ڇا هارين کي ڀاڻ جي بروقت فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي؟ ڇا پوليس جي ڪارڪردگيءَ مثالي ٿي وئي آهي؟ ڇا ڏوهن ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي؟ انهن سوالن جا جواب ڏيڻ عوام جو ڪم آهي، جيڪو اڄڪلهه سموگ (صبح سوير ٺھندڙ ڪوھيڙي) کي منھن ڏئي رهيو آهي ۽ وڏي وزير کي يقين آهي ته سندن هوا ھلي پئي آهي! ھونئين اھو پنجاب ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ڪنهن وڏي وزير حلف کڻڻ کانپوءِ پنهنجي انتظامي ٽيم تبديل نه ڪئي ھجي.
پاڪستان هڪ اهڙو بدقسمت ملڪ آهي جتي حڪمرانن جي ھوا سال جا 12 مهينا، 365 ڏينهن ۽ 24 ڪلاڪ هلندي رھندي آھي.ڪڏهن به بيھي نه ٿي.ڇو ته جيڪڏهن اها بند ٿي وڃي ته ان جو مطلب اقتدار جو خاتمو ٿي وڃي ۽ اقتدار تھ انهن حڪمرانن کي وراثت ۾ مليو آهي، اهو سلسلو نسل در نسل ھلندو ئي رھي ٿو ۽ ان وراثت کي حڪمران حمايت ۾ ھلندڙ ھوا نالو ڏين ٿا. پاڪستان کي ٺهي 75 سال گذري ويا آهن پر ڪڏھن ھتي عوام جي ھوا نھ ھلي آھي.
هن ملڪ ۾ آمر به آيا، انهن جي ھوا 10، 10 سال ھلي.هنن ڪنھن غير کي پاڻ سان شامل ڪرڻ بنا اڪيلي سر حڪمراني ڪئي.سڪندر مرزا، ايوب خان، يحيٰ خان، ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف ، سڀني جي هوا پنهنجي وقت ۾ تمام تيز ھلي هئي. نتيجو اهو نڪتو ته پاڪستان هڪ کان پوءِ ٻئي المئي کي منهن ڏيندو رھيو. ڪو وقت اھڙو بھ آيو جو ڍاڪا جي زوال کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جو واءُ گهليو ھو. ڪو وقت اھڙو بھ آيو جڏهن پي اين اي جي بينر هيٺ مذهبي جماعتن جي اھڙي ھوا ھلي جو ذوالفقار علي ڀٽي جي اقتدار جو خاتمو ڪري وئي. اها الڳ ڳالهه آهي ته ان وقت سي آءِ اي ، پي اين اي جي تحريڪ کي فنڊنگ ڪئي هئي.
ضياءُ الحق جي آمريت جو خاتمو ٿيو تھ پاڪستان ۾ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ جمهوري حڪمرانن جي ھوا ھلي پئي. پهرين محترمھ جي حڪومت ختم ٿي، تھ پوءِ اسٽيبلشمينٽ پيپلز پارٽي جو ووٽ ٽوڙڻ لاءِ نواز شريف کي پنجاب ۾ کڙو ڪيو.نواز شريف جو واءُ به هلي پيو.سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ پنجاب ۾ نواز شريف جي قيادت ۾ مسلم ليگ جي هوا جو اھو سلسلو ٻنهي طرف ھلندو رھيو. ان کان پوءِ 12 آڪٽوبر 1999ع جي اونداهي رات آئي جڏهن پرويز مشرف جي هوا هلڻ لڳي ۽ هاڻي هن ملڪ ۾ ’جمهوريت‘ جي هوا هلي رهي آهي!
حقيقت ھي آهي ته پاڪستان ۾ عوام جي ھوا ڪڏهن به نه ھلي آھي.اشرافيه ھن ملڪ کي يرغمال بڻائي رکيوآهي، جيڪا ھوا جي رخ جو تعين پاڻ ڪندي آھي.عوام جر لاءِ ھن گھٽ ٻوسٽ جي ماحول ۾ ساهه کڻڻ بھ مشڪل ٿي چڪو آهي. ھلو، هڪ لمحي لاءِ فرض ڪري ٿا وٺون تھ حڪمرانن جي هوا هلي پئي آهي ته پوءِ عوام کي گهٽ ۾ گهٽ اهو ڄاڻڻ جو حق آهي ته آخر ان هوا جو رخ ڪهڙو آهي؟ ڇا اها راولپنڊي کان هلي پئي آهي يا آمريڪا واري پاسي کان؟ ڇو ته پاڪستان ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هوائن جو رخ انهن ٻنھي طرفن مان ڪنهن هڪ طرف جو هجڻ ضروري آهي.
پر هاڻوڪي تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته ھوا جو رخ تبديل ضرور ٿيندو آھي ۽ ان جي لاءِ ٽن سالن جو عرصو ھڪ معياري اصول آهي.جڏھن اپريل 2022 ۾ ھوائن جو رخ تبديل ٿيو تھ مخالف ڌر جي جماعتن کي اندزاو ٿي ويو ۽ پي ڊي ايم اتحاد کي حڪومت سونپي وئي ( جنھن جي قيادت ان وقت مولانا فضل الرحمان ڪري رھيو ھو)
فيبروري 2024ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ وزارت عظميٰ شهباز شريف جي حصي ۾ آئي، اھا ٻي ڳالھھ آهي ته عوام جي ھوا جو رخ ڪنھن ٻئي طرف هو. پاڪستان ۾ سياسي تبديليءَ لاءِ هوا جو ھلڻ ضروري نھ آھي،بلڪھ ان کان وڌيڪ اهم هوا جو رخ ھوندو آھي. پاڪستان جي مخصوص سياسي حالتن جي حوالي سان چيو ويندو آھي ته اسلام آباد ۾ اقتدار جو رستو پنجاب مان ٿي گذرندو آهي.
اڄ مريم نواز کي لڳي ٿو تھ 8 مهينا وڏي وزير رهڻ کانپوءِ سندس هوا ھلي پئي آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي مخالف ڌر کي لڳي ٿو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي آمريڪا ۾ ٻيھر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ان ھوا جو رخ ھڪ ڀيرو ٻيھر بدلجي ويندو. ماڻهن کي ان سان مطلب نه آهي ته ڪنھن جي هوا هلي ٿي ۽ ڪنهن جي نه. جيڪڏهن عوام کي سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جون معياري سهولتون ملي رهيون آهن، دوائون مفت ملن رھيون آھن، انصاف ملي رهيو آهي، قانون سڀني لاءِ برابر آهي، سرڪاري تعليمي ادارن ۾ معياري تعليم ڏني پئي وڃي، ته پوءِ يقين عوام کي زندهه رهڻ جي لاءِ انھيءَ ھوا جي ضرورت آهي پوءِ حڪمرانن کي اها ڳڻتي جو شڪار نھ ٿيڻو پوندو تھ سندن هوا هلي پئي آهي يا نه!