روزگار ۽ هنري سکيا ذريعي تبديل ٿيندڙ ٿر.!

مبصر

 

ٿرپارڪر هڪ غير معمولي تبديليءَ جي دور مان گذري رهيو آهي، ترقي ۽ معاشي خوشحالي جي شعبن ۾ قابل ذڪر اڳڀراين سبب ٿر جو هن وقت سنڌ جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ ڌار مقام آھي،  ٿر جي خطي کي ترقي ڏيارڻ لاءِ تازو ئي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر مس ليزلي اسڪينلن سان ملاقات دوران کيس آگاهي ڏني ته ٿر ۾ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ سان ماڻهن جي زندگي ۾ بهتري آئي آهي، ان وڌندڙ سيڙپڪاري ٿر ڪول منصوبن ذريعي معيشت کي هٿي ڏني آهي ۽ هزارين ماڻهن کي روزگار جا موقعا مُهيا ڪيا آهن، ان کان علاوه بهتر سماجي ترقي جي شروعات لاء اهڙو رستو هموار ڪيو ويو آھي، جنهن سان مقامي آباديءَ جي ملازمت جا موقعا وڌي رهيا آهن.

ٿر بلاڪ ٽو ۽ ڪم ڪندڙ ڪمپنين طرفان سڀ کان وڌيڪ اثرائتا قدم کنيا ويا آهن، خوشحال ٿر- هڪ اهڙو قدم آهي، جنهن ذريعي مقامي ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ۾ اوليت ڏني وڃي ٿي- بلاڪ ٽو جي مختلف منصوبن ۾ هينئر تائين 35,000 کان وڌيڪ ماڻهن کي روزگار ملي چڪو آهي، جنهن ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ جو تعلق صوبي سنڌ  سان آهي. ان کان علاوه 3,000 کان وڌيڪ ٿري نوجوانن  مختلف ٽيڪنيڪل مهارتن جي تربيت حاصل ڪئي آهي، جن مان 250 نوجوانن خاص طور تي ميڪنيڪل ۽ اليڪٽريڪل ڪورسز ۾ تربيت حاصل ڪئي  آهي.

مهارت جي ترقيءَ وارن پروگرامن کي هٿي وٺرائيندي، مقامي نوجوان مختلف شعبن ۾ تربيت فراهم ڪري رهيا آهن جن ۾ ٽيڪنيڪل تعليم کان وٺي ويلڊنگ، سولرائيزيشن، ۽ آئي ٽي، سلائي ۽ ڊريس ميڪنگ پڻ شامل آهن.

خاص طور تي، گورنمينٽ پولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ (GPI) مٺي ۾، ٿر فائونڊيشن جي سهڪار سان، مائننگ، اليڪٽريڪل، مڪينڪل ۽ سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما آف ايسوسيئيٽ انجنيئرنگ (DAE) ۾ تعليم ۽ سکيا ڏني وڃي.  DAE مائننگ پروگرام ۾ 600 ڄڻا سرٽيفائيڊ آهن، جڏهن ته 53 ۽ 80 شاگردن ترتيب وار فرسٽ ايئر ۽ سيڪنڊ ايئر ڊوئل ڊپلوما ۾ داخلا ورتي آهي، 40 شاگرد ٽيلرنگ ۽ 20 شاگرد آئي ٽي ۾ شعبي ۾ داخلا ورتي آهي، ان کان علاوه ووڪيشنل ايجوڪيشن ۽ ٽريننگ جا اهم قدم کنيا پيا وڃن.

جديد طرز جون ليبارٽريز ۽ انفراسٽرڪچر ذريعي شاگردن کي پريڪٽيڪل تجربو مهيا ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سولرائيزيشن، پي وي ٽيڪنيشن، ۽ ويلڊنگ ٽريننگ پروگرام نوجوانن کي عملي صلاحيتن سان سرشار ڪن ٿا. ان کان علاوه، مقامي نوجوانن کي هاسپيٽلٽي، هائوس ڪيپنگ ۽ پروفيشنل باورچي جي تربيت پڻ ڏني وئي آهي، جنهن سان مقامي آبادي جي هنري مهارتن کي وڌيڪ هٿي وٺرائي پئي وڃي.

ٿر ڪول بلاڪ ٽو ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي سي ايس آر ونگ، ٿر فائونڊيشن انهن لاڀائتين اڳڀراين جي پويان محرڪ قوت آهي، جيڪي هنري مهارت جي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۽ ٿري ڪميونٽي جي روزگار جي فراهمي ۾ مدد ڏيارڻ تي ڪم ڪري ٿي. مهارتن جي ترقيءَ جي پروگرامن کان علاوه، ٿر فائونڊيشن مقامي انٽرپرينيورز ۽ اهل غريب گهراڻن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پڻ پرعزم آهي، ننڍن وڏن ڪاروباري گرانٽس جي ذريعي مقامي گهراڻن ۽ مختلف معذور ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي ٿي. جنهن تحت تقريبن 130 ڪاروبار گرانٽس فراهم ڪيون ويون آهن. انهن قدمن تحت ننڍن ۽ وچولي ڪاروبار ڪندڙ گهٽ آمدني وارن گهراڻن کي به گرانٽس فراهم ڪيون ويون آهن.  انهن گهراڻن گرانٽس کي مختلف طريقن سان استعمال ڪيو آهي، جيئن ٽڪ شاپس کولڻ، جڏهن ته ٻين پنهنجي گهريلو ڪارونهوار کي هلائڻ لاءِ جانورن جي پالنا ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي.

انهن گڏيل ڪوششن ٿرپارڪر ۾ اهم تبديليءَ کي متحرڪ ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ووڪيشنل اسڪل ٽريننگ، روزگار جا موقعا، ۽ مجموعي طور تي ڪميونٽي جي ڀلائي ۾ قابل قدر بهتري آئي آهي.  مقامي آبادي کي بااختيار بڻائڻ سان، اهي قدم نه صرف انفرادي معيشت کي بهتر بڻائي رهيا آهن پر علائقي جي وسيع معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ پڻ مدد ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.