ناول جي صنف افسانوي ادب سان تعلق رکي ٿي. جنھن ۾ ھلندڙ يا ڪنھن دور ۾ گذاريل زندگيءَ جو مفصل احوال درج ٿيل ھجي ٿو.ھاڻي جيڪڏهن ڪو ناول نگار ڪنھن شخصيت کي يا تاريخ جي مختلف دورن مان ڪنھن دور جي چونڊ ڪري ان کي ناول جي صورت ۾ افسانوي نوع ۾ لکي ٿو ته، اھو پاڻ کي تاريخ جي دائري ۾ چئوکنڀو ٻڌي قلم جي ان اندر محدود پيماني تي اھڙي انداز ۾ نقش نگاري ڪري ٿو، جو تاريخي حقيقتون به اجاڳر ٿين ٿيون ۽ افسانوي لوازمات جو به لازمي طور پورائو ڪرڻو پوي ٿو.
ان سلسلي جي ڪيترن ئي ناولن مان اسان جڏهن ويجهڙائي ۾ سنڌ جي برک ڪھاڻيڪار منظور ڪوھيار صاحب جي قلم مان سرجيل ناول "طريقت جو سج” جو حوالو ڏينداسين ته، اکين اڳيان قلندر شھباز جي شخصيت اڀري ايندي. جنھن سان گڏ ان جي "قلندري طريقت” به پنھنجي تحريڪي منشور سان سامھون اچي بيھندي.قلندر شھباز، جنھن جي زندگيءَ کي ان جي دور ۾ تلاشيندي ڪيترن ئي تاريخدانن ۽ محققن مونجهارن مٿان مونجهارن کي پئي عيان ڪيو آهي. اھڙي گهاٽي جهنگ مان انتھائي روشن خياليءَ واري عقل ريزيءَ سان قلندر شھباز جي حقيقي زندگيءَ ۽ سندس فڪري تحريڪ جو رستو ڳولي، ان مان ڪنڊا ۽ ڪک پن ھَٽائي، اھو چِٽو ۽ صاف ڪري منظور ڪوھيار صاحب تيرھين صديءَ ۾ ان جي پيرن ۽ فِڪر کي ڊجيٽلائيزڊ انداز ۾ ظاهر ڪري ڪمال ڪاريگريءَ ۽ تمام گهڻي نقش نگاريءَ سان ناول جي روپ ۾ سنڌي ادب جي پڙھندڙن اڳيان آڻي بيھاريو آهي.
ناول جي مھاڳ (جيڪو ليکڪ پاڻ لکيو آهي) ۾ "قلندري طريقت” کي ڪتابن جي ڳوڙھي مطالعي ۽ تاريخ جي وَرَق گرداني ڪندي منظور ڪوھيار لکي ٿو ته،”جيڪڏهن ھند ۽ سنڌ جي قلندري طريقت واري انداز تي ھلندڙ جوڳين، سامين، آڌوتين يا خاص ڪري آديسين تي غور ڪجي ٿو، ته ان جا اولڙا به اسان کي وادي سنڌ جي ڪک ۾ پلجندڙ سناتن ڌرم ۾ ملڻ ٿا. جنھن جو باني مباني مونھين جي دڙي جو پشوپتي يا شِو مھاراج ئي ٿي سگهي ٿو. جيڪو وادي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو ‘آديسي’ (قلندر) ھُيو. سندس طريقت جي تسلسل جون جهلڪيون جوڳ پنٿ جي ڪيترن شاخن ۾ ملڻ ٿيون. جنھن جون شاھديون ۽ حوالا اسان کي شاھ لطيف جي ‘سر رامڪلي’ جي ڪيترن ئي بيتن مان ملن ٿا. آديسين جي آزاد خيالي، شير و سفر ۽ سندن طريقت بابت ڪيئي بيت مثال طور تي پيش ڪري سگهجن ٿا. مثلن:
نا اميدي آجڪو، اوڇڻ آديسين،
ڪڏهن تازي پٺ تي، ڪڏهن ھيٺ ھلن
جي واڳونءَ وات وڃن، ڪسن ڪڇن ڪينڪي”
ھي ناول، جنھن جو ھيرو ھاڻوڪي ايران جي مرند ۾ جنم وٺندڙ عثمان مرندي لال شھباز قلندر آهي، سو پنھنجي والد جي مدرسي مان جڏهن قرآن شريف حِفظ ڪري ٿو وٺي، ته علم جي حاصلات لاءِ ڪربلا معلي’ ۾ وڃي ٿو پھچي ۽ اتي بابا ابراهيم ڪربلائي کي مرشد مڃي، ان جي مريديءَ ۾ رچي ريٽو ٿئي ٿو. ۽ پوءِ جنھن وقت ان جي ھٿ تي قلندري طريقت يعني صوفي ٿيڻ جو عھد ۽ اقرار ڪري ٿو، ته اتي سڄي حياتي مجرد معنيٰ شادي نه ڪرڻ جي وچن جو پڻ اظھار ڪري ٿو. مرشد کيس امام سجاد جو سنگِ مقبول (جيڪو صعوبتن جي نشاني طور سندس ڳچيءَ ۾ پاتل ھوندو ھُيو) ۽ اُھا بادامي عصا (جيڪي وٽس امانت طور سانڍيل ھُيون) پڻ ڏئي ٿو، جيڪا خطبي ڏيڻ ويل ھن جي ھٿن ۾ جهليل ھوندي ھئي. اھي ڏيندي چويس ٿو ته،”اسان توهان کي قابل ترجيح سمجهي امام جون امانتون پھچائي ڇڏيون سين. ھاڻي توهان ڄاڻو ۽ توهان جو ڪم ڄاڻي.”
ھي ناول، جيڪو قلندر شھباز جي سفر جي مفصل احوال تي آڌاريل آهي ۽ ليکڪ ھڪ جنون ۽ وجداني ڪيفيتن ۾ تاريخي حقيقتن کي ايمانداريءَ سان ڪيترن ئي ڪتابن کي تحقيق جي نظرن مان گذاري لکيو آهي، سو سچ پچ قلندر شھباز جو نئون ۽ جھڙوڪر حرف آخر تعارف به آهي. جنھن ۾ ھڪ سچي صوفيءَ طور ھن جي ھر طرح جي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف مسلسل ويڙھاند جو احوال درج ٿيل آهي. ھلاڪوءَ جي بغداد جي تباهيءَ بعد اُن سان مُنھان مُنھِن ٿيڻ لاءِ حجاز ۽ فارس کان دشت شھباز/دشت قلات ۾ اچڻ، جتي پنھنجي مريدن سان ملي ان کي قلندري طريقت جو درس ڏيڻ، منگولن جي بربريت جو ٻڌائڻ ۽ منگولن سان مُنھَن مقابل ٿيڻ لاءِ اڙد سلطنت جي سلطان کي خبردار ڪرڻ لاءِ وڃڻ جي به انتھائي موھيندڙ انداز ۾ تصوير ڪشي ڪرڻ ۾ ناول نگار خوب پاڻ ملھايو آهي. ناول ۾ بلوچ ۽ سنڌي مريد قلندر شھباز کي وڏي عمر جو احساس ڏياري ايڏو تمام وڏو سفر نه ڪرڻ جون وينتيون ڪن ٿا، پر ھو پنھنجي پياري مريد مردان شاهه بودله سان سيوھڻ ۾ پھچي هميشه اُتان جو ٿي رھڻ جي وعدا وفائيءَ لاءِ سفر جاري رکندي ھرات کان مرو ۽ مرو کان بخارا، خيوه، گرگانج کان ھلندو ياسي ۽ وولگا نديءَ کان ھلندو ۽ انهن ھنڌن تي پنھنجي پيغام کي عام ڪندو، سمرقند بلخ ڪابل ٽله جوڳيان، ملتان، ديو ڳڙھ (اچ)، بکر، موري ڳوٺ (لاڙڪاڻو) کان ھلندو ان سموري عرصي جي ڏھن سالن، ڇھن مھينن ۽ چوڏھن ڏينھَنِ جي سفر بعد آخرڪار واعدي موجب سيوھڻ پھچي ٿو ۽ اُتي سيوھاڻي ٿي حياتيءَ جي آخري پساھن تائين اُتي رھي پوي ٿو.
ان وچ ۾ ھو نه رڳو پنھنجي نظريي يعني "قلندري طريقت” کي اتان جي رهواسين ۾ عام ڪري، پنھنجي اوصافن سان انهن جو "ھيرو” بڻجي ڪاميابيءَ جون منزلون حاصل ڪري وٺي ٿو، پر امام سجاد جي عصا جيڪا کيس سندس مرشد بابا ابراهيم ڪربلائيءَ عطا ڪئي ھئي، سا مردان شاهه بودلي کي ان جو مستحق ڄاڻي، ان جي ھٿ ۾ ڏيندي، کيس قلندري طريقت کي اڳتي وڌائڻ جو اختيار ڏئي ڇڏي ٿو. جنھن سان ڄڻ ته پنھنجي واعدي کي ٻيڻ تي نڀائڻ جو صوفياڻو فرض ادا ڪري ٿو. جنھن جي نتيجي ۾ اتان جي ظالم حڪمران چرٻٽ راجا جي ظلمن جو خاتمو ممڪن بڻجي ٿو ۽ "قلندري طريقت” جي عوامي انقلابي سوڀ سان ان کي شھر نيڪالي اچي وڃي ٿي. سيوھڻ جي ڌرتي کي تمثيل جي لبادي ۾ ليکڪ ناول ۾ ادبي حوالي سان واضح ڪندي ۽ پڙھندڙن لاءِ سمجهڻ ۾ آساني پيدا ڪندي اھو سوال به اڀاري ٿو ته، تمثيل آهي ڇا؟، ۽ ان لاءِ مھاڳ ۾ مختصر لفظن ۾ ڄڻ ته سمنڊ کي ڪوزي ۾ سمائي لکي ٿو ته،”تمثيل ادب جي پيچيده، فصاحت ۽ بلاغت سان ڀرپور ھڪ شاخ آهي.” پوءِ اصل قصي طرف ايندي ڄاڻائي ٿو ته،”انود ڪاسائي ۽ بودلي جو قصو دراصل تمثيل رمزي آهي. جنھن ۾ بديءَ (راجا چرٻٽ) جو نمائندو انود ڪاسائي ۽ نيڪيءَ (قلندر شھباز) جو نمائندو بودلو بھارُ ھڪٻئي جي سامھون ٿين ٿا. بديءَ جي نمائندي وٽ توحيد، صبر و شڪر، تڪوي’ و توڪل، تسليم و رضا وارا دفاعي سامان آهن. جن جي مدد سان ھو بديءَ جي نمائندي کي شڪست فاشِ ڏئي ڪاميابي ڪامراني حاصل ڪري ٿو.”
ھتي موزون ٿيندو ته قلندري طريقت کي واضح نموني سمجهجي. جنھن لاءِ قلندر کي ھيرو ڪري پيش ڪندي ۽ ان جي بنيادي فڪر جي پرچار ڪندي منظور ڪوھيار صاحب ھي ھيڏو سارو ناول لکڻ تمام گهڻو ضروري ڄاڻي اھو ايڏو وڏو قلمي سفر تحقيقي ڪسوٽيءَ سان پاڻ کي سلھاڙي پڙھندڙن کي ھي سج اُڀاري ان جا سمورا دڳ پيچرا چٽا ڪري سمجهائڻ جو ڪشٽ ڪيو آهي. ان لاءِ علامه غلام مصطفيٰ جي ڪتاب "قلندري مشرب” جي ان خاص نقطي کي اڳيان رکي ٿو ته،”ستين صدي ھجري ۾ ھن طريقت کي حضرت مخدوم قلندر لال شھباز نئين سِرِ سنڌ ۾ اچي جيئاريو. بايزيد بسطامي جو داماد علامه ديبلي انهيءَ قلندرن واري ڪڙيءَ جو ھڪ وڏو بزرگ هو. جنھن جو بيان ‘حطيه الاولياء” عربي ۾ آيو آهي. ان کان پوءِ شھباز جي پايي جو ڪو به ھتي قلندر نظر نٿو اچي.” قلندري طريقت بابت منظور ڪوھيار صاحب جا قلمبند ڪيل ڪجهه فقرا ھيٺ ڏجن ٿا، جيئن پڙھندڙن کي ناول جي مرڪزي خيال کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي :
قلندري طريقت بظاهر انھيءَ ڪري آسان آهي، جو ذات پات، مذهب، رنگ نسل ۽ جنس جي ٻنڌڻن کان آزاد آهي. پر دشوار انڪري آهي، جو دنيا جي حِرص ۽ ھوس کان پاڪ، تئوڪل جي ترھي سان ٻڌل آهي. حق سچ جو ھوڪو ۽ صلح ڪُل جي صدا آھي، اناالحق جي الستي آواز سان گڏ، محبت ۽ ماڻهپي جو نظريو آهي.”…اھا وقت جي تقاضا آهي، ته قلندري طريقت جي ھر جاءِ ۽ ھرسُو پرچار ٿيڻ گهرجي. انڪري اوهان نقار خاني ۾ طوطي جو آواز ٿيڻ بجاءِ ڀير تي ڏونڪو ٿي وڃو ۽ بابانگ دھل، صلح ڪُل جي صدا ڏيندي ٻڌايو، ته انسانن جي درميان اھي ھٿ ٺوڪيا فرق ۽ فرقا قبول ناھن. ان جي پرواهه نه ڪيو، ته ڪير ڪيترو سمجهي عمل ڪري ٿو ته اُھا اسان جي ڪاميابي ليکبي.”…
…”مون کي قلندر سڏيو، جو منھنجو تعلق قلندري گروھ سان آهي… مان پنھنجي وجود اندر، مسجد ۽ مندر جو اختلاف نه ٿو رکان…
(قلندر شھباز جي ھڪ غزل جي بند جو ترجمو)
سو قلندر لال شھباز جي قلندري طريقتي سفر کي، جنھن ۾ ڪجهه مٿي ڄاڻايل ان جي قول ۽ فعل جا باريڪ نقطا پڙھندڙن اڳيان نموني طور پيش ڪيا ويا آهن، سي ھن ضخيم ناول ۾ ليکڪ جابجا "رمزي تمثيلي” ۽ "ڳوڙھي فڪر” سان شامل ڪندي به اھڙي ته سچيتائيءَ سان سئولا ۽ سَھنجا ڪري ۽ سمائي لکيا آهن، جو پڙھندڙن کي ذھن تي گهڻو زور ڏيڻو نٿو پوي ۽ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي.
رھيو سوال ناول جي اسلوب ۽ انداز بيان جو، ته منظور ڪوھيار صاحب ان کي ايڏو دلچسپ ۽ تجسس سان چوٽَئُون چوٽِ ڀري ۽ بيشمار نرالين ساھ ۾ سانڍڻ جھڙين تشبيھن ۽ خوبصورت منظر نگاريءَ سان رنگا رنگ ڪري لکيو آهي، جو پڙھندڙن جا پيرَ پَٽَ تي لڳن ئي نٿا ۽ اُھي ان جي سحر ۾ ۽ ليکڪ جي افسانوي ادب جون گهرجون اعليٰ ۽ احسن نموني سان پوريون ڪندڙ خيالن جي اوچي اُڏام سان ڄڻ ته آسمان ۾ اڏندي ۽ ان جي غير معمولي رفتار سان اڳتي ئي اڳتي وڌندي نيٺ وڃي اُتي ڇيھهُ ڪري بيھي رھن ٿا، جتي فل اسٽاپ ڏئي ناول نگار ناول کي پڄاڻيءَ جي دنگَ تي پھچائي ٿو.