نصير آباد مان 2 نوجوان کنڀي گم،وارثن ۽ شهرين جي ريلي،ٿاڻي آڏو ڌرڻو

نصيرآباد (رپورٽ:بشيراحمد بروهي) رات دير سان نصير آباد جي نوناري محلي مان نامعلوم ڪارسوار ماڻھن ٻن نوجوانن ڊاڪٽر نويد عرف ساگر ڪانڌڙو ۽ فائبر نيٽ انچارج نصيرآباد واجد علي چانڊيو کي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيوسياسي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر نويد عرف ساگر ڪانڌڙو واجد علي چانڊيو کي کنڀي کڻي گم ڪرڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ نصيرآباد پاران نوناري محلي کان ڊاڪٽر نويد عرف ساگر ڪانڌڙو جي ماءُ ،ٻارڙن سياسي ،سماجي اڳواڻن مختلف تنظيمن جي  ڪارڪنن پلي ڪارڊ بينر کڻي سئسي لوھار ڪامريڊ علي گل ڪانڌڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، ٿاڻي جي گيٽ مظاهرو پھتو ته ڪارڪن ”ڊاڪٽر نويد واجد علي چانڊيو کي آزاد ڪيو“جا نعرا ھڻي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ان موقعي تي سئسي لوھار، ڪامريڊ علي گل ڪانڌڙو، ڪامريڊ جميل شيخ، ڪامريڊ رياض ڦلپوٽو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته نويد عرف ساگر ڪانڌڙو واجد علي چانڊيو کي کنڀڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ھنن جو ڪوبه ڏوهه آهي ته ڪورٽ پيش ڪيو نه ته فوريآزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.