سنڌ اندر جبري گمشدگين جو سلسلو تيز ٿي ويو هي:سسئي لوهار

نصيرآباد(ن ع آ) وائس فار مسنگ پرسن آف سنڌ جي اڳواڻ سسئي لوهار ۽ گم ٿيلن جي وارثن فقير علي گل ڪانڌڙو، حافظ  محمد بخش چانڊيو ۽ ايڊووڪيٽ عنايت ﷲ تنيو گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ اندر نوجوانن کي تيزي سان کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، گذريل رات نصيرآباد مان ٻن ڳڀرو نوجوانن سنڌ يونائٽيڊ پارٽي نصير آباد جو ڪارڪن نويد ساگر ڪانڌڙو ۽ واجد چانڊيو رياستي ادارن هٿان کنڀي گم ڪيا ويا آھن. سسئي  لوھار جو چوڻ هيو تہ سنڌين سان ظلم جو سلسلو گھٽ ته نه ٿيو پر انساني حقن جي لتاڙ تمام تيزي سان وڌي رھي آھي. جبري گمشدگي ان کانپوءِ عدالت کان مٿانهون قتل انساني حقن جي لتاڙ آھي. ملڪ جي عدالتن کي عام ماڻھن لاءِ عدالتن جا در کولڻ گھرجن اڳواڻن چيو ته اڄ شام پنج وڳي نوناري محلي کان پوليس اسٽيشن تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو ۽ سموري سنڌ کي پنھنجو آواز بلند ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.