سعودي عرب پاران پاڪستان اندر سيڙپڪاري ۽ ويزائون وڌائڻ جو اعلان

رياض (م ڊ) سعودي عرب پاڪستان ۾ سيڙپڪاري 2.2 ارب ڊالر مان وڌائي 2.8 ارب ڊالر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف سعودي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز سان گڏجي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن دوران سعودي وزير پاڪستان ۾ سيڙپڪاري  2.2 ارب ڊالر مان وڌائي 2.8 ارب ڊالر ڪرڻ جو اعلان ڪيو. خالد بن عبدالعزيز چيو ته جڏهن پاڪستان ويا هئاسين ته 27 مفاهمتي ياداشتن جي تحت 2.2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري تي اتفاق ٿيو هو ته انهي وقت ئي چيو هو ته هي شروعات آهي انهي ۾ وڌيڪ اضافو به ڪنداسين. سعودي وزير طرفان وڌيڪ سيڙپڪاري جي اعلان تي وزيراعظم شهباز  شريف سندن ٿورو ادا ڪندي مالي معاملن ۾ پاڪستان سان تعاون تي سعودي ولي عهد جو ٿورو ادا ڪيو. شهباز شريف چيو ته سعودي عرب سان گڏجي خوشحالي ۽ ترقي جون منزلون طئي ڪنداسين ۽ سمورا حدف به حاصل ڪيا ويندا. وزيراعظم ۽ سعودي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز جي گڏيل پريس ڪانفرنس دوران وزيراعظم شهباز شريف جي مستقبل جي سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ شرڪت تي چيو ته وزيراعظم ۽ سندس وفد جي ميزباني اسان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن پاڪستان حڪومت جو ويزن پيش ڪيو.  سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو آهي ته پاڪستانين جي ويزا ۾ واڌ ڪئي ويندي، جنهن جي نتيجي ۾ سعودي عرب مان پرڏيهي مٽاسٽا جي موڪلن ۾ اضافو ٿيندو، صحت جي شعبي ۾ فوري طور تي 300 ويزا جاري ڪيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.