اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ڊسمبر ۽ جنوري ۾ سي اين جي اسٽيشنز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب سخت ٿڌ وارن ٻنهي مهينن ۾ سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون وينديون، انهن ٻن مهينن ۾ جيڪا ملڪي صنعت گئس سان بجلي پيدا ڪري ڪم ڪندي آهي، ان کي به گئس جي فراهمي بند رهندي.
اهو فيصلو قدرتي گئس جي گهريلو واهپيدارن کي سياري ۾ مسلسل فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.
چئني صوبن ۾ گئس سان بجلي پيدا ڪرڻ يا ڪيپٽو پاور اسٽيشنز لاءِ ڊسمبر 2024 کان جنوري 2025 تائين گئس جي فراهمي روڪي ويندي، انڊسٽري بجلي ڪمپنين جي بجلي استعمال ڪندي.
You might also like