اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪام اٿارٽي (پي ٽي اي) چيو آهي ته فيس بُڪ سميت ٻين ميٽا پليٽ فارمز جي سستيءَ جو سبب واهپيدارن جو وڌيڪ انگ آهي.
انٽرنيٽ ۾ خلل سبب سوشل ميڊيا ايپس جي سستي تي پي ٽي اي انوکو منطق پيش ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ميٽا پليٽ فارمز سڀ کان وڌيڪ واهپيدار هجڻ سبب سستي جو شڪار ٿيا.
تازو پارليامينٽ ۾ فراهم ڪيل تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو ته انٽرنيٽ ۾ خلل سان ميڊيا ايپليڪيشنز فيس بُڪ ۽ واٽس ايپ جون سروسز وڌيڪ متاثر ٿيون، جڏهن ته ٻيا سوشل ميڊيا نيٽ ورڪس گهٽ متاثر ٿيا.
پي ٽي اي موجب فيس بُڪ جا پاڪستان ۾ 50 ملين (5 ڪروڙ) واهپيدار آهن، جڏهن ته واٽس ايپ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ريئل ٽائم ايپليڪيشن آهي.
پي ٽي اي موجب واهپيدارن کي آگاهه ڪيو ويو ته رش وقت انٽرنيٽ سست رهندي، جڏهن ته ٽيلي ڪام آپريٽرز فوري طور ٽريفڪ کي متبادل روٽس تي منتقل ڪيو.
اختيارين ٻڌايو ته آگسٽ ۾ پي ٽي اي کي واٽس ايپ سروسز متاثر ٿيڻ جون شڪايتون وصول ٿيون، جنهن کانپوءِ آپريٽرز کي فوري طور مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
پي ٽي اي دعويٰ ڪئي آهي ته سيپٽمبر جي پهرئين هفتي ۾ واٽس ايپ ۽ فيس بُڪ جي سستي جو مسئلو حل ٿي ويو، جڏهن ته سب ميرين ڪيبل ايس ايم ڊبليو فور ٺيڪ ٿيڻ سان صورتحال نارمل ٿي ويندي.
You might also like