اوٻاوڙي مان پورهيت پاڻي جي واري تان اغوا، وارث پريشان

اوٻاوڙو (رپورٽ:عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙي ۾ ڪجھه وقت امن ٿيڻ کان پوءِ اغوا ڪار ڏوھاري ھڪ ڀيرو ٻيھر سرگرم ٿي ويا، ڳوٺ ڄام خان جوڻو جو رهواسي پورهيت هاري معشوق علي جوڻو گذريل رات فصل کي پاڻي ڏيڻ دوران نامعلوم ھٿياربندن ھٿان مبينا طور تي اغوا ٿي ويو، ان سلسلي ۾ وارثن بابو جوڻو ۽ ٻين چيو ته معشوق علي زمين تي فصل کي پاڻي ڇڏڻ ويو جيڪو صبح تائين گهر واپس ناهي آيو جنهن جي مائٽن عزيزن وٽ ڳولا باوجود ڪاٿي به ڏس پتو نه پئجي سگھيو آهي، جنهن تي وارث اوٻاوڙي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو جنهن تي اوٻاوڙي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو ۽ مغوي جو نمبر ٽريس ڪرايو ويو ته ايس ايڇ او اوٻاوڙو گل محمد مهر ٻڌايو ته  موبائل فون جي آخري لوڪيشن پنجاب جي ڪچي  ۾ لڳي آهي، انشاءِ الله ان کي جلد بازياب ڪرايو ويندو. هوڏانهن مغوي جي گھر ۾ روڄ راڙو متل  آهي، وارثن پاران آءِ جي سنڌ ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته مغوي کي جلد بازياب ڪرائي گھر ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.