عوامي آواز جي خاص سروي رپورٽ موجب سنڌ جي آبادگارن گذريل سال ڪڻڪ جي مقرر ڪيل سرڪاري اگهه 4 هزار روپيا في مڻ نه ملڻ ڪري هن سال ڪڻڪ جي پوکي نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪمنڊ جو اگهه 5 سئو روپيا في مڻ مقرر ڪري بنا دير شگرملون هلايون وڃن. آبادگارن جو چوڻ آهي ته گذريل سال سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو اگهه چار هزار روپيا في مڻ مقرر ڪيو هو پر آبادگارن کي اهو اگهه نه ملي سگهيو نه حڪومت پاڻ ڪڻڪ خريد ڪئي نه ئي خريداري جا مرڪز کوليا. ٻيو ته بارداڻو به نه ڏنو ويو جنهن ڪري آبادگارن مجبور ٿي 24 سئو روپيا في مڻ جي حساب سان ڪڻڪ واپارين جي حوالي ڪري پنهنجو ڪروڙين روپين جو نقصان ڪيو جنهن جي ذميوار حڪومت آهي. ان ڪري هن سال آبادگار صرف پنهنجي کائڻ لاءِ ڪڻڪ جي پوکي ڪندا پر وڪرو ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ نه پوکيندا. گذريل سال ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿو هو پر حڪومت آبادگارن کان اها خريد نه ڪئي. هنن چيو ته جيڪڏهن آبادگار ڪڻڪ جي پوکي نه ڪندا ته پوءِ حڪومت کي اربين روپين جي ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻي پوندي.
ڪڻڪ جي آبادگارن وانگر اهڙي ستم ظريفي گذريل 20 سالن کان ڪمنڊ جي آبادگارن سان به ٿي رهي آهي. هر سال دانهون ڪوڪون احتجاج ڪيا ويندا آهن. مضمون، ڪالم ۽ ايڊيٽوريل لکيا ويندا آهن پر پوءِ به آبادگارن موجب 1950 جي شگر ڪين ايڪٽ موجب هر صورت ۾ پهرين آڪٽوبر تائين ڪمنڊ جو اگهه مقرر ڪري شگر ملون هلائڻيون هونديون آهن پر حڪومت ان قانون جي سرعام ڀڃڪڙي ڪندي رهي آهي. هر سال ڪمنڊ جو اگهه وقت سر مقرر نه ٿيندو آهي ۽ نه ئي شگر ملون هلنديون آهن. جنهن نتيجي ۾ ڪمند جو وزن گهٽجي ويندو آهي ۽ آبادگارن کي وڏو نقصان ٿيندو آهي. آبادگارن جو چوڻ آهي ته ڪمند جو اگهه مقرر نه ٿيڻ خلاف اسان هاءِ ڪورٽ ۾ ويا آهيون.
اها مٿئين رپورٽ پڙهجي ٿي ته واضح ٿي وڃي ٿو ته موجوده معاشي بحران جو سبب هر لحاظ کان حڪومت ئي آهي. جيڪڏهن حڪومت جو ملڪ جي سڀ کان وڏي معاشي سگهه زراعت ڏانهن ئي اهو غير زميواراڻو رويو آهي ته اندازو لڳايو ته اها معاشي پاليسي ۾ڪيڏي سنجيده آهي. جڏهن ته حڪومت جو ڪم پنهنجي معاشي حالت کي بهتر کان بهتر ڪرڻ هوندو آهي پر هتي الٽو سڀ کان مضبوط معاشي سگهه زراعت کي هٿ سان وٺي تباهه ڪيو ويو آهي. جيستائين سنڌ جي زراعت جو تعلق آهي ته عام تاثر اهو آهي ته شگرملون جيئن ڪجهه ته حڪمرانن جون آهن تنهن ڪري اهي شگر ملن جي مفاد ۾ باقي زراعت کي ناس ڪري رهيا آهن. شگر ملون پنهنجي من پسند اگهه تي آبادگارن کان ڪمند خريد ڪرڻ چاهينديون آهن جنهن سان پهريون ته ڪمند جو فصل تباهه ٿيو. جيئن مٿين رپورٽ ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته 1950 جي شگر ايڪٽ تحت اصولن پهرين آڪٽوبر کان شگر ملن کي ڪمند جي پيڙائي شروع ڪرڻ گهرجي ان وقت ڪمند به تازو توانو ۽ ڀرپور وزن وارو هوندو آهي پر مسئلو اهو آهي ته شگر ملن جا مالڪ چاهيندا آهن ته اهي سٺي نه پر سستي اگهه تي آبادگارن کان ڪمند وصول ڪن تنهن ڪري اهي تيستائين ڪمند خريد ناهن ڪندا جيستائين نومبر ۾ ڪمند پنهنجي طاقت وڃائي ۽ آبادگار ڪمند جي فصل کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ مجبورن گهٽ اگهه تي ڪمند وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن. جڏهن ته شگر ملن جا مالڪ سستي اگهه تي ڪمند خريد ڪري پنهنجو مالي مفاد ماڻي وٺندا آهن.
شگر ملن جي مالڪن جي ان رويي سان نقصان مجموعي طور تي زراعت جو ٿيندو آهي سو ايئن ته ڪمند جي فصل جي دير سان ڪٽائي ۽ پيڙائي سان ڪمند جو فصل گهربل پيداوار نه ڏئي سگهندو آهي يعني ڪمزور ڪمند مان اوتري مقدار ۾ کنڊ ناهي ٿيندي جيتري شروع ۾ ڪٽائي سان ٿئي هان ٻيو ته دير سان ڪمند جي ڪٽائي سبب ڪڻڪ جو فصل پوکڻ ۾ به دير ٿي ويندي آهي. ڪمند جو فصل ڪٽبو آهي ته پوءِ ڪڻڪ جو فصل پوکڻ لاءِ جڳهه خالي ٿيندي آهي. ايئن ڪڻڪ جو فصل به وقت تي نه پوکجي سگهبو آهي. انهيءَ صورتحال ۾ سڄو ڏوهه حڪومت جو هوندو آهي.اها مقرر وقت تي نه ڪمند ۽ نه ئي ڪڻڪ جا اگهه مقرر ڪري سگهندي آهي ۽ نه ئي آبادگارن کي وقت تي بارداڻو ڏئي سگهندي آهي. جنهن سبب ڪمند ۽ ڪڻڪ جي ٻنهي آبادگارن کي ڪاپاري ڌڪ رسندو آهي.
گذريل سال ته حڪومت حد ڪري ڇڏي هئي جو ڪڻڪ جي بمپر فصل لهڻ باوجود ان پنهنجي آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ بدران ٻاهرين ملڪ مان خريد ڪئي هئي تنهن ڏک ۽ احتجاج ۾ ڪمند جي آبادگارن چتاءُ ڏنو آهي ته هن سال اسان ڪڻڪ جو فصل نه پوکينداسين پر جيڪڏهن پوکينداسين ته پوءِ حڪومت کي اسان جا مطالبا مڃڻا پوندا.اسان جي خيال ۾ سندن مطالبا جائز به آهن پر مسئلو اهو آهي ته حڪمرانن کي زراعت کان وڌيڪ پنهنجيون شگر ملون پياريون آهن. جڏهن ته شگر ملن جو مالڪ هجڻ ۽ حڪمران هجڻ ٻه الڳ شئيون آهن يا اوهان شگر ملن جا مالڪ ٿي رهو يا حڪمران ٿي رهو. حڪمران هوندئو ته پوءِ ملڪ جي زراعت ۽ معيشت کي بهتر کان بهتر ڪرڻ لاءِ اوهان کي سوچڻو پوندو جيڪو نه ٿو سوچيو وڃي تنهن ڪري ملڪ جي زراعت ۽ معيشت بحران جي ڌٻڻ ۾ مڪمل طور تي ڦاسي چُڪي آهي.
ان ڌٻڻ مان نڪرڻ جو هاڻي به حڪومت وٽ موقعو آهي ۽ شايد آخري موقعو آهي جيڪڏهن حڪومت جي ان غير سنجيده رويي سبب ڪڻڪ جي آبادگارن وانگر ٻين آبادگارن به هڪ هڪ ٿي ڪري فصل پوکڻ ڇڏي ڏنا ته پوءِ ڇا ٿيندو، معاشي بحران مان نجات ملندي يا معيشت جو الله ئي حافظ ٿي ويندو اهو سوچڻ جو ڪم حڪومت جو آهي جنهن جي اسان نشاندهي ڪئي آهي. حڪومت کي فوري طور تي شگر ملن جي مالڪن جي مفادن کي ڇڏي ڪري زراعت ۽ معيشت جي بهتري لاءِ مٿي ڄاڻايل خراب پاليسين ۽ روين کي ختم ڪري کين درست رخ ۾ ڪم ڪرڻ جي وينتي ڪجي ٿي.