ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) 29 آڪٽوبر2024 جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي 26ھين آئيني ترميم کان وٺي ارسا ائڪٽ ۾ ترميم تائين مفاداتي پاليسن سنڌ کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو آھي جيڪڏهن سنڌو مٿان نوَن ڪئنالن جو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويندي. سنڌ جو عوام ڪڏهن به پنهنجي حقن ۽ وسيلن تان دستبردار نه ٿيندو نه ئي سنڌو تي ناجائز ڌاڙو برداشت ڪندو. وڏي وزير مراد علي شاهه جو اهو بيان ته “ سنڌو تي ڪئنال اڏڻ جي مخالفت ڪئي هئي، پر منظوري خبر ناهي ڪيئن ٿي” واري ڳالهه نسورو ڪوڙ ۽ سنڌ جي عوام جي اکين ۾ سُرمون وجهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي، پيپلزپارٽي جي ڪو چئيرمين آصف علي زرداري ارسا ائڪٽ ۾ تبديلي جي منظوري ڇو ڏني، پ پ گرين پاڪستان منصوبي ۽ هاڪس بي لاءِ سنڌ جون لکين ايڪڙ قيمتي زمينون عسڪري ادارن حوالي ڪرڻ جي هامي ڀري آهي جڏهن ته ڪارونجهر جي ڪٽائي کان وٺي بحريه ٽائون کي زمينون ڏيڻ به سندس سنڌ دشمن منصوبن ۾ شامل آهي. جماعت اسلامي سنڌ جي ساڃاهه ونڌ ۽ سڄڻن سان گڏجي ڪري سنڌوءُ مٿان نوان ڪينال اڏڻ جي هر فورم تي ڀرپور جدوجهد جاري رکندي ۽ سنڌ جي مفادن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.