سنڌ جي زرخيز زمين کي بنجر بڻجڻ نه ڏينداسين:مرتضيٰ جتوئي

سکر (رپورٽ:آزاد مهر) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ٻاهران ميڊيا  سان ڳالهائيندي چيو ته 26هين آئيني ترميم جا مقصد حاصل نه ٿيڻ ڪري 27 هين ترميم آندي پئي وڃي،عوام جو پارلياماني نظام تان اعتماد ختم ٿي ويو آهي هن چيو ته  ماضيءَ ۾ اسان کي پيپلز پارٽيءَ پاران وفاق ۽ صوبائي وزارتن جي آڇ ڪئي وئي هئي، پر مون قبول نه ڪئي عمران خان کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عوام جي حمايت حاصل آھي جيڪڏهن شفاف  اليڪشن ٿئي ته عمران خان کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه مان 70 کان 80 سيڪڙو سيٽون ملي سگهن ٿيون، جي ڊي اي جو واضع موقف آهي ته سنڌ جي زرخيز زمين کي بنجر بڻائي چولستان جي ريگستان زمينن کي غير آباد نه ڪرڻ گھرجي،سمورن صوبن جي رضامندي کان سواءِ ڪينال نه ٺاهيا وڃن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.