خيرپور(رپورٽ:مختيار ڦلپوٽو) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، سينيئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو، حيدر شاھاڻي ۽ ٻين پريس ڪلب خيرپور پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گذريل 20 سالن ۾ سمنڊ 2 اڍائي لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي جنھن ۾ پورا تعلقي پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن اھو سلسلو جاري رھندو ته سمنڊ ڪوٽڙي تائين پھچندو ھن چيو ته جيڪڏھن پنجاب ۾ پاڻي وڌي ٿو ته سنڌ ۾ ڇڏيو ويندو آھي ته ڀلي سنڌ واسي ٻڏن، ٻوڏ واري 2 مھينن ۾ سمنڊ تائين وڌيڪ پاڻي پھچي ٿو ۽ جيستائين سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نه ملندو ۽ پاڻي جي مستقل ورھاست کي حتمي آئيني شڪل نه ٿي ڏني وڃي، تيستائين جيڪو به آئين ٺھندو اھو غير آئيني، غير قانوني ۽ غير انساني آھي، اسان ان کي قبول نه ڪنداسين، ھن چيو ته شهباز شريف سنڌ جي 6 ڪروڙ ماڻھن سان زيادتي ڪري رھيو آھي، سنڌ پاڪستان جو خالق صوبو آھي اسان پاڪستان جي وجود لاءِ زمينون ۽ قربانيون ڏنيون، جڏهن ته ڪئنالن ٺاھڻ سان سنڌ جا ماڻھو مري ويندا ۽ سنڌ مقتل گاھه بڻجي ويندو ، ھن اھو پڻ اعلان ڪيو ته اڄ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري ڪئنالون ٺاھڻ خلاف ڌرڻو ھنيو ويندو .