پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊ بابت نظرثاني درخواست خارج

اسلام آباد ( م ڊ) سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي انٽرا  پارٽي چونڊ بابت نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف جي وڪيل حامد خان نظرثاني درخواست لاءِ لارجر بئنچ جوڙڻ جي اپيل ڪئي، سپريم ڪورٽ موجب عدالت ڌرين ۽ وڪيلن کي هڪ وڌيڪ موقعو ڏنو، پر ڪيس تي دليل نه ڏنا ويا، عدالت جي 13 جنوري واري فيصلي ۾ ڪا به غلطي ثابت نه ڪئي وئي، تنهنڪري نظرثاني درخواست خارج ڪئي وڃي، پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر عدالت کي آگاهه ڪيو ته آئيني ترميم ٿي چڪي آهي انڪري سپريم ڪورٽ هاڻي اِهو ڪيس نه ٻڌي، جنهن تي جيف چسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته في الحال هن ترميمون ناهن ڏٺيون ۽ کيس ان معاملي بابت ڪا ڄاڻ ناهي.

  1. ڪو ثابت ڪري ترميم وقت اسيمبلي جي ويجهو به هئس ته استعيفيٰ ڏيندس:زين قريشي

ملتان  ( م ڊ ) 26هين آئيني ترميم بابت پي ٽي آءِ ايم اين اي زين قريشي جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو آهي. وڊيو بيان ۾ زين قريشي چيو ته هو پنهنجي والد شاهه محمود قريشي جي درخواست تي روپوشي اختيار ڪئي، سندس والد لاهور فون ڪري گهرايو ۽ چيو ته آئيني ترميم ڪنهن به صورت ۾ منظور نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته آئيني ترميم جي حمايت بابت منهنجي خلاف غلط پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي.منهنجو قومي اسيمبلي وڃڻ ته پري جي ڳالهه پر آءُ ويجهي کان به ناهيان گذريو. زين قريشي چيو ته منهنجي ڪنهن به حڪومتي عهديدار سان ملاقات ثابت ٿي ته سياست ڇڏي ڏيندس، پارٽي پاليسي ۽ باني پي ٽي آءِ سان گڏ بيٺو آهيان.  واضح رهي ته قومي اسيمبلي جو ميمبر زين قريشي ڪجهه ڏينهن کان منظر عام تان غائب هو ۽ سندس ڀيڻ مهر بانو قريشي پاران زين قريشي سان رابطو نه ٿيڻ جي صورت ۾ اغوا ٿيڻ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو هو.

  1. ووٽ نه ڏيڻ جي سزا،ن ليگ اڳواڻ کي نااهل ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  آئيني ترميم ۾ ووٽ نه ڏيڻ تي سزا،ن ليگ اڳواڻ عادل بازئي کي نااهل ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي اسپيڪر خط لکي ڇڏيو، نواز شريف عادل بازي خلاف ريفرنس اسپيڪر ڏانهن موڪلي ڇڏيو هو، نواز شريف آئيني ترميم ۾ ووٽ نه ڏيڻ تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ميمبر عادل بازئي خلاف اسپيڪر کي ريفرنس موڪلي ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق طرفان اليڪشن ڪميشن کي ٻيو خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ عادل بازئي کي نااهل قرار ڪري سيٽ خالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.واضح رهي ته عادل بازئي ڪالهه ايوان مان غير حاضر هو ۽ ووٽ به نه ڏنو. اسپيڪر عادل بازئي کي فوري طور ڊي سيٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.