ميرپورخاص(بيورورپوررٽ) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جي عدالتي جاچ ۽ قتل ڪيس ۾ نامزد پير عمرجان سرهندي، سي آءِ اي جي اڳوڻي انچارج عنايت زرداري، ڊي آءِ بي جي اڳوڻي انچارج دانش ڀٽي ۽ ٻين پاران واقعي جي هڪ کان وڌيڪ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کي غيرقانوني قرار ڏيندي ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ داخل ٿيل پٽيشن جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص سرڪٽ بئنچ جسٽس امجد علي ٻوهيو ۽ خادم حسين سومرو جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي عدالت ۾ ٻنهي ڌرين جي وڪيلن پاران دليل ڏيڻ بعد عدالت ڪيس خارج ڪرڻ واري پٽيشن کي رد ڪندي ڪيس پوليس کان وٺي ايف آءِ اي حوالي ڪرڻ ۽ ڪيس جي جاچ لاءِ سمورو رڪارڊ ايف آءِ اي جي حوالي ڪرڻ جو حُڪم ڏنو آهي، عدالتي فيصلي بعد ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وڪيل علي پلھ، سنڌو نواز گھانگهرو، وڪيل اصغر ناريجو، پنهل ساريو ۽ ٻين عدالت پاران جوابدارن پاران ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ داخل ٿيل پٽيشن کي رد ڪندي ڪيس وڌيڪ جاچ لاءِ مڪمل رڪارڊ سميت ايف آءِ اي حوالي ڪرڻ واري فيصلي کي حق سچ جي فتح قرار ڏيندي چيو ته واضح قانون موجود آهي ته ڪنهن به پوليس مقابلي جنهن تي وارثن کي جڙتو مقابلو ٿيڻ جو شڪ هجي ان ڪيس جي پوليس جاچ نه ٿي ڪري سگھي جڏهن ته پوليس پنهنجي جاچ ۾ تصديق ڪري چڪي آهي ته پوليس مقابلو جڙتو هو اهڙي صورتحال ۾ پوليس ان ڪيس جي ڪهڙي ريت اڻ ڌري جاچ ڪري سگھي ٿي هنن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جي قبر ڪشائي بعد ڪيل پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ۾ واضح ٿي چڪو آهي ته ڊاڪٽر کي قتل ڪرڻ کان اڳ سندس مٿان سخت تشدد ڪيو ويو هو هاڻ ان ڳالھ جي جاچ ٿيڻ گھرجي ته اهو تشدد ڪٿي ۽ ڪنهن ڪيو ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ٿيو ۽ تشدد ۾ ملوث جوابدارن کي به قانون جي ڪٽهڙي آڻڻ گھرجي. عدالتي حُڪمن جي باوجود پوليس هن وقت تائين ڊي آءِ جي ۽ ڪيس ۾ گھربل ٻن ايس ايس پيز کي نه گرفتار ڪيو آهي ۽ نه وري انهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ورتيون آهن هنن چيو ته ٻڪري چوري جي ڪيس ۾ پوليس جوابدار نه ملڻ تي پوري گھر ڀاتين کي گرفتار ڪري ۽ سندن چوپائي مال کي ڪاهي ٿاڻي تي کنيو اچي ٿي پر ايتري وڏي ڪيس ۾ پوليس پاران ڊي آءِ جي ۽ ٻنهي ايس ايس پيز جي گھر تي گرفتارين لاءِ ڇاپو ئي نه هنيو آهي هنن چيو ته اسان کي شڪ آهي ته بااثر پوليس آفيسر جن وٽ پاسپورٽ موجود آهن هو ڪنهن به وقت ملڪ مان فرار ٿي سگھن ٿا اسان ان حوالي سان به عدالت کي استدعا ڪئي آهي ۽ عدالت سندن ملڪ کان ٻاهر فرار ٿيڻ کي روڪڻ جو به حُڪم ڏنو آهي. سنڌو نواز گھانگهرو ۽ ٻين چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جي خلاف گستاخي ڪرڻ جو ڪيس درج ٿيڻ تائين اسين خاموش رهياسين ته جيڪڏهن ڪنهن اهڙي حرڪت ڪئي آهي ته ان خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪري سزا ڏني وڃي پر ان جي ابتڙ عوام جي جان مال جي حفاظت ڪندڙ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري کيس جڙتو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيو جنهن خلاف سماجي، انساني حقن جي تنظيمن، ساڃاھ ونده وڪيلن ۽ سول سوسائٽي وارن آواز اٿاريو ته اسان جي خلاف ڀنڀڻ مچايو ويو ۽ هٿياربند جٿن ۽ جنونين پاران ڌمڪيون ڏنيون ويون، ڪراچي ۾ پرامن رواداري مارچ تي پوليس ڪڙڪي پئي ، سنڌ جي وڏي وزير سميت ٻين چونڊيل نمائندن ۽ وزيرن مشيرن پاران ان تشدد ۽ ڪيس جي مذمت ڪئي وئي تشدد ۽ ڪيس به انهن جي اشاري تي ٿيو ۽ مذمت به پاڻ ڪري رهيا آهن ٻٽو معيار سمجھ کان ٻاهر آهي جڏهن ته ميرپورخاص مان نڪتل ريلي کي پوليس جي مڪمل پروٽيڪشن ڏني وئي هنن الزام هڻندي چيو ته پيرعمرجان سرهندي اڳ به سنڌ جي وڏي ۽ نامياري اديب امر جليل جي سر جي قيمت 50 لک روپيا مقرر ڪئي هئي جيڪڏهن ان وقت حڪومت هوش ۾ اچي ها ته هي واقعو نه ٿئي ها.