اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر حامد خان نيشنل ايڪشن ڪميٽيءَ ذريعي 26هين آئيني ترميم خلاف وڪيلن جي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته وڪيل جسٽس منصور علي شاهه کانسواءِ ڪنهن کي به چيف جسٽس نه مڃيندا.سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حامد خان چيو ته آئيني ترميم آئين جو چهرو ئي بگاڙي ڇڏيو آهي، اسان وڪيل ان ترميم کي غير آئيني سمجهون ٿا، هن چيو ته هي آئيني ترميم آئين جي ڍانچي جي ابتڙ آهي، اهڙي ترميم بابت سپريم ڪورٽ جي ججن جا مثال موجود آهن، اسان وڪيلن جو فرض آهي ته آئين ۽ عدليه جو تحفظ ڪريون، اسين وڪيل ملڪ گير تحريڪ هلائينداسين، هن چيو ته ماڻهن کي ويل چيئرن تي کڻائي آندو ويو، هارس ٽريڊنگ کانسواءِ حڪومت جو انگ پورو نه هو، موجوده چيف جسٽس جو ان ۾ افسوس جوڳو ڪردار آهي، هن 63 اي تي نظرثاني درخواست کولي هارس ٽريڊنگ جو رستو کوليو، چيف جسٽس 25 آڪٽوبر تي رٽائر ٿي رهيو آهي، ان ڏينهن وڪيل ڇوٽڪاري جو ڏهاڙو ملهائيندا، ان موقعي تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر عابد زبيري چيو ته عدليه جو جنازو نڪرڻ نه ڏينداسين، اڪثر ڪيس حڪومت خلاف ايندا آهن، حڪومت سڀ ڪجهه ان لاءِ ڪيو آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس منصور علي شاهه ئي هوندو، سپريم ڪورٽ بار جي ايڊيشنل سيڪريٽري شهباز کوسا چيو ته قاضي صاحب ايمانداري جي چادر اوڍي ويٺو آهي، هڪ پارٽي کان سندس نشان کسيو ويو، ذميوار قاضي صاحب آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ سردار لطيف کوسا چيو آهي ته پاڪستان کي ڇانوڻي بڻايو ويو آهي، پارليامينٽ وٽ آئيني ترميم جو اختيار ئي ناهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ شعيب شاهين چيو آهي ته قاضي صاحب ترميم جي راهه هموار ڪئي، هي آرمي ترميم ختم ٿيندي ۽ انصاف جي بالادستي ٿيندي.