لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت بنيادي شين جي هول سيل ۽ ريٽيل جي قيمتن ۾ فرق جي حساب کان ڪارڪردگي ۾ تمام صوبن ۽ وفاقي حڪومت کي پوئتي ڇڏي ڏنو، خيبرپختونخواهه جي ڪارڪردگي ملڪ ۾ ٻئي نمبر تي رهي آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي بدترين رهي.حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته سيپٽمبر جي آخري مهيني ۾ بنيادي شين جي هول سيل ۽ ريٽيل جي قيمتن ۾ فرق ۾ پنجاب بهترين ڪارڪردگيءَ ۾ سڀ کان اڳتي هو.جڏهن ته ان حوالي سان وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي بدترين رهي جتي شهري هول سيل جي ڀيٽ ۾ مهانگيون شيون خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.
پارٽي جا ماڻهو ڪنٽرول ۾ نه هجن ته پوءِ شڪايت مناسب ناهي: خواجا آصف
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) دفاع واري وزير خواجا آصف هڪ خانگي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته قياس آرائيون بنيادي طور تي عدالت جي طرفان آيون آهن، هن چيو ته مان پنهنجي هوش ۽ حواس سان چوان ٿو ته چيف جسٽس ڪير ٿيندو ، حتمي طور تي نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته آئيني ترميم پاس ڪرائڻ ۾ بلاول ڀٽو زرداري وڏي محنت ڪئي آهي، مولانا فضل الرحمان جو به ان ۾ وڏو ڪردار آهي، نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز به پنهنجو حصو وڌو آهي، فيصل واوڊا جي بيان تي پڇيل سوال تي هن چيو ته فيصل واوڊا جي بيان تي تبصرو نه ڪندس، هن وڌيڪ چيو ته اختر مينگل جو هميشه احترام ڪيو آهي، پاڪستان جي سياست ۾ سردار اختر مينگل ۽ ان جي وڏڙن جو وڏو نالو آهي، هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته جڏهن پارٽي جا ماڻهو اوهان جي ڪنٽرول ۾ نه رهن ته پوءِ اهو شڪايت مناسب ناهي، هن چيو ته جن ماڻهن اسان کي ووٽ ڏنو اهي ڪڏهن به هنن سان گڏ نه هئا،
هن چيو ته جهڙي طرح سان سردار اختر مينگل ڳالهائي رهيو هو ، اهڙي ڪا به ڳالهه نه هئي، هن آئيني ترميم جي حوالي سان ڪافي ڏينهن کان پارٽين وچ ۾ مشاورت جاري هئي.
طاقتور شخصيت سان رٽائرڊ ميجر جنرل جي ملاقات،عمران لاءِ رليف طلب،انڪار
اسلام آباد(عمران شفقت)آرمي چيف جنرل عاصم منير جي هڪ پراڻي بئچ ميٽ رٽائرڊ ميجر جنرل ملاقات ڪئي جنهن ۾ عمران خان جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون ۽ رٽائرڊ جنرل زور ڏنو ته عمران خان خلاف ڪارروايون هاڻي ختم ڪيون وڃن،ذريعن موجب آرمي چيف کيس جواب ڏنو ته چانهه پيو ۽ هليا وڃو،هن (عمران خان) پاڪستان خلاف سازشون ڪيون،توهان هن لاءِ سفارشون ڪري رهيا آهيو