آمريڪا غزا ۾ جنگ بندي کي مشڪل قرار ڏئي ڇڏيو

وچ اوڀر ۾ ھڪ سال کان شروع ٿيل جنگ وقت گذرڻ سان گڏ شديد ٿيندي ۽ ڦھلجندي پئي وڃي. اسرائيل حزب الله جي اڳواڻ حسن نصراللھ کي مارڻ بعد تازو 16 آڪٽوبر تي حماس جي اڳواڻ يحيٰ سنوار کي بھ ماريو آھي،جنھن بعد خطي ۾ صورتحال وڌيڪ خطرناڪ ٿي رھي آھي،گڏيل قومن جي سمورين ڪوششن کي اسرائيل رد ڪندي جنگ جاري رکڻ جي ارادي جو کليل نموني اظھار ڪندو رھي ٿو،جڏھن تھ دنيا جون طاقتور ڌريون سڌي اڻ سڌي ريت اسرائيل جي حمايت ڪري رھيون آھن.

يحيٰ سنوار جي قتل بعد تازو حزب الله پاران اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياھو جي گھر تي ڊرون حملو ڪيو ويو آھي.جنھن مان اھو اندازو ٿئي ٿو تھ ڌريون جنگ جاري رکڻ چاھين ٿيون ۽ ان ۾ شدت اچي رھي آھي. ان پس منظر ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته ايران ۽ اسرائيل جنگ جي امڪان کي روڪي سگهجي ٿو پر غزه ۾ جنگ بندي انتهائي مشڪل آهي.

پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز آمريڪي صدر جوبائيڊن اھا ڳالھھ برلن جي دوري جي پڄاڻي تي صحافين سان ڪئي.ھن  چيو ته وچ اوڀر ۾ اسرائيل ۽ ايران جي ڇڪتاڻ ڪجهه دير لاءِ ختم ٿي سگهي ٿي ۽ ان لاءِ ٻنهي ملڪن وٽ  ٻين  طريقن سان منهن ڏيڻ جا طريقا آهن.آمريڪي صدر چيو ته اسان کي خبر آهي ته ميزائل حملن جي جواب ۾ اسرائيل ايران خلاف ڪيئن ۽ ڪڏهن ڪارروائي ڪندو، پر هن وڌيڪ تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪيو.سمجھيو وڃي ٿو تھ اسرائيل  پهرين آڪٽوبر تي اسرائيل تي ٿيل  ايران جي ميزائل حملن جي جواب ڏيڻ  جو پڪو ارادو ڪري ورتو آھي. جنهن سبب خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي.

جو بائيڊن چيو ته ”منهنجا ساٿي به ان ڳالهه تي متفق آهن ته اسان اسرائيل ۽ ايران سان هڪ اهڙو معاهدو ڪري سگهون ٿا جيڪو وقتي طور هلندڙ تڪرار کي ختم ڪري ڇڏيندو.هڪ سوال جي جواب ۾ آمريڪي صدر چيو ته مان سمجهان ٿو ته لبنان ۾ جنگ بندي تي ڪم ٿي سگهي ٿو پر غزه ۾ جنگ بندي تمام ڏکيو ڪم هوندو.

ھوڏانھن لبنان جي مزاحمتي تحريڪ حزب الله طرفان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي ذاتي رهائشگاهه تي ڊرون حملي جا اطلاع آهن.سعودي ميڊيا رپورٽن موجب اڻ تصديق ٿيل اطلاعن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته لبنان جي مزاحمتي تحريڪ حزب الله طرفان اسرائيلي شهر قيصريه ۾ فائر ڪيل راڪيٽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي ذاتي رهائشگاهه تي ڪريو آھي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته حزب الله جي راڪيٽ حملي ۾ جنهن عمارت کي نشانو بڻايو ويو اها اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي ذاتي رهائشگاهه آهي.

جيتوڻيڪ دنيا جو طاقتور ملڪ آمريڪا وچ اوڀر ۾ جنگ بندي جي ڳالھھ تھ  ڪري ٿو آمريڪا جي انتظاميھ مڪمل طور تي اسرائيل جي حمايت ڪري رھي آھي.جنھن ڪري جنگ جي گھٽجڻ بدران ان جي وڌيڪ جاري رھڻ ۽ شديد ٿيڻ جو خطرو موجود آھي.

 

يحيٰ سنوار جي قتل بعد تازو حزب الله پاران اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياھو جي گھر تي ڊرون حملو ڪيو ويو آھي.جنھن مان اھو اندازو ٿئي ٿو تھ ڌريون جنگ جاري رکڻ چاھين ٿيون ۽ ان ۾ شدت اچي رھي آھي. ان پس منظر ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته ايران ۽ اسرائيل جنگ جي امڪان کي روڪي سگهجي ٿو پر غزه ۾ جنگ بندي انتهائي مشڪل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.