ڪراچي ۾ سنڌ نيشنل پارٽي سنڌ وحدت جون ٽيون قومي ڪنوينشن ٿي گذريو جنهن ۾ ايندڙ ٽن سالن لاءِ پارٽي جا عهديدار چونڊيا ويا.سنڌ جي جاکوڙي سياسي ڪردار تاج مري کي ٻيو ڀيرو بنا مقابلي صوبائي صدر ۽ مجيد ساجد کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو لڳ ڀڳ 16 عهديدار ڪامياب ٿيا جن کي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ قسم کڻايو. چونڊون سنڌ جي برک صحافي سهيل سانگي جي نگراني ۾ ٿيون ۽ سمورا عهديدار بنا مقابلي چونڊيا ويا جو سندن مخالفت ۾ ڪنهن به نامزدگي فارم نه ڀريو هو.
هن ڪنوينشن ۾ ڪراچي حيدرآباد سانگهڙ نوابشاهه بدين سميت مختلف ضلعن مان پهتل ڪارڪنن شرڪت ڪئي.ڪنوينشن جا ٻه ٻه مختلف سيشن ٿيا جن ۾ بند سيشن ۽ کليل سيشن.بند سيشن ۾ نيشنل پارٽي سنڌ وحدت جي ٽن سالن جي رپورٽ پيش ڪئي وئي جيڪا صوبائي جنرل سيڪريٽري مجيد ساجدي پيش ڪئي.
هن ڪنوينشن جو ٻيو سيشن کليل ٿيو جنهن کي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ڪامريڊ محمد رمضان ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو جن سنڌ جي ڳنڀير مسئلن جي نشاندهي ڪندي چيو ته پنجاب درياهه تي ڇهه نوان ڪئنال جوڙي سنڌ کي بنجر بنائڻ ۽ هتان جي ماڻهن جو استحصال ڪرڻ جي نئين سازش تيار ڪئي آهي جنهن سان سنڌ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ سوڪڙي جو شڪار ٿي ويندي ۽ بک بيروزگاري وڌندي جيڪا اڳ ۾ ئي چوٽ چڙهيل آهي. اڳواڻن اهو به چيو ته سنڌ کي مذهب جي آڙ ۾ انتها پسندي طرف ڌڪيو پيو وڃي.ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو قتل ان سلسلي جي هڪ ڪڙي ۽ رياستي ڏاڍ آهي جنهنجو وڏو ثبوت ڪراچي ۾ رواداري مارچ کي ڪچلڻ ۽ عوام جو آواز دٻائڻ لاءِ پرامن مظاهرين عورتن سياسي ڪارڪنن وڪيلن ۽ صحافين مٿان وحشياڻو تشدد ڪرڻ ڪوڙا ڪيس مڙهي گرفتار ڪرڻ آهي جنهن جي مذمت ڪجي ٿي.هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي وسيلن معدنيات گئس بجلي ڪوسٽل ايرياز ۽ زمينن تي ناجائز قبضا ڪرڻ بند ڪيا وڃن ڪٿي ايئن نه ٿئي سنڌ ۽ وفاق ۾ نفرتون وڌن جيئن بلوچستان ۾ ٿي رهيو آهي.هنن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ انصاف جي نالي ڪا به شئي ناهي رهي عدالتون ۽ جج سياسي بڻجي چڪا آهن جنهنڪري وڏي انگ ۾ ڪيس التوا هيٺ آهن.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عدالتن کي ڪنهن جي تابع نه بڻايو وڃي.
نئين چونڊيل صوبائي صدر تاج مري چيو ته سنڌ کي ڪنهن به ڌٻڻ يا آڙاهه ۾ وجهڻ نه ڏينداسين پنهنجي قومي وسيلن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا.نيشنل پارٽي عام ماڻهن، ورڪرن، هارين، ۽ مزدورن جي پارٽي آهي. اهوئي سبب آهي جو نيشنل پارٽي ويجهڙائي ۾ قومپرست ڌرين سان گڏجي عوامي سياست جو آغاز ڪيو جنهن ۾ امن مارچ مک هو.ڪنهن به صورت ۾ سنڌ کي يرغمال بنائڻ جي اجازت نه ڏينداسين.نيشنل پارٽي جي صوبائي اڳواڻ شاهينه رمضان جو چوڻ هو ته سنڌ جو ماڻهو پاڻ کي اڪيلو نه سمجهي نيشنل پارٽي هر قومي مسئلي تي سندن ساٿ ڏيندي.
نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ بطور خاص مهمان ڪنويشن کي خطاب ڪندي ڪجهه خدشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته فيبروري وارين عام چونڊن کي هائيجيڪ ڪيو ويو جنهن سان نيشنل پارٽي جي قومي صوبائي ۽ سينيٽ جي سيٽن کي گهٽايو ويو ۽ ان تي ٻين کي آندو ويو.هن چيو ته آئيني ترميم جي آئيني دائري ۾ رهندي حمايت ڪري سگهون ٿا پر طاقتورن کي وڌيڪ طاقتور بنائڻ لاءِ ووٽ نه ڪنداسين.بلوچستان جا قدرتي وسيلا ۽ ڪوسٽل ايرياز بلوچستان جي عوام جي ملڪيت آهن انهن سان ڇيڙ ڇاڙ برداشت نه ڪبي.بلوچستان ۽ سنڌ وچ ۾ ڀائپي ۽ هم آهنگي آهي ۽ اسانجا مسئلا هڪجهڙا آهن تنهنڪري سنڌ جي ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏبو.هن چيو ته 26 آڪٽوبر تي ڪوئٽيا ۾ جيڪو چئن ڏينهن وارو قومي ڪنوينشن ٿي رهيو آهي ان ۾ چئني صوبن جي نمائندگي هوندي ۽ فيصلا ڪيا ويندا.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته نيشنل پارٽي واحد پارٽي آهي جنهن ۾ ڪو به نواب سردار يا وڏيرو شامل ناهي ورڪرز شامل آهن.ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ شاگردي واري وقت کان سياست ڪندو پيو اچي جنهن وڏي وزير هجڻ دوران بلوچستان کي يونيورسٽيون ۽ ڪاليج ڏنا قوم جا حوصلا بلند ڪيا اهوئي سبب آهي جو نيشنل پارٽي مقبول ترين آهي جنهن جو پنهنجو ووٽ بئنڪ آهي ڪنهن به طاقت جو محتجاج ناهي.
هن ڪنوينشن جو ٻيو سيشن کليل ٿيو جنهن کي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ڪامريڊ محمد رمضان ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو جن سنڌ جي ڳنڀير مسئلن جي نشاندهي ڪندي چيو ته پنجاب درياهه تي ڇهه نوان ڪئنال جوڙي سنڌ کي بنجر بنائڻ ۽ هتان جي ماڻهن جو استحصال ڪرڻ جي نئين سازش تيار ڪئي آهي جنهن سان سنڌ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ سوڪڙي جو شڪار ٿي ويندي ۽ بک بيروزگاري وڌندي جيڪا اڳ ۾ ئي چوٽ چڙهيل آهي.