هي ڪتاب تازو هن ئي سال (2024 ع ) ۾ سنڌ جي قديم آثارن واري کاتي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي . هن ڪتاب جو ليکڪ محمد عثمان ميمڻ آھي ، پر هن ڪتاب جو رهيل ڪم ، ڦوٽو گرافي ۽ ترتيب احسان احمد ميمڻ ڏني آهي.
ھي ڪتاب ٻن جلدن تي مشتمل آھي ، هن ڪتاب ۾ سنڌ جي لڳ ڀڳ پوڻا چار سئو ماڳن مڪانن ، تاريخي عمارتن ، مسجدن ، مندرن ، گردوارن ، ڇٽين ۽ دڙن جي بهترين ۽ ڀرپور ڄاڻ ڏنل آهي . ان سان گڏ انهن جون تصويرون ۽ ڏس پنڌ به هن ڪتاب ۾ شامل آهي ته جيئن وڌيڪ تحقيق ڪرڻ وارا ۽ سياح انهن ماڳن تي سولائيءَ سان پهچي سگهن.
هن ڪتاب جي ٻي اهم خوبي اها آهي ته هن ۾ ” الف _ ب “ وار جي ترتيب سان ماڳن جا نالا ۽ انهن جا ٻيا تفصيل لکيل آهن ، جنهن جو پڙهندڙن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو ۽ هو يڪدم پنهنجي گهربل ماڳ جي مواد کي ڳولي وٺندا.
هن ضخيم ڪتاب ۾ سنڌ جي ” الف “ کان وٺي “ س “ تائين شروع ٿيندڙ ٽي سئو اسي ماڳن مڪانن بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي ، جيڪا وڌيڪ تحقيق ڪرڻ وارن کي بنيادي ڄاڻ ڏئي ٿي.
هي ڪتاب جو پهريون حصو آهي جنهن ۾ ڇهه سئو ٽيهٺ صفحا موجود آهن ، ان کان پوءِ ظاهر آ ٻيو حصو به ايندو ۽ منهنجي اندازي موجب هن ڪتاب جا صفحا هڪ هزار کان به وڌي ويندا .
سنڌي ٻوليءَ ۾ قديم آثارن جي موضوع تي هن کان وڌيڪ ضخيم ڪتاب اڳ ۾ ڪڏهن به منهنجي نظرن منجهان نه گذريو آهي . هن ڪتاب کي سڀني مرحلن منجهان اڪاري ڇپرائيندڙ سڀني مانوارن کي جَسُ هجي جن هيڏو وڏو خفو پاڻ تي کنيو ۽ سنڌ جي سمورن قديم آثارن بابت مواد گڏ ڪري ، هڪ ئي ڪتاب ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو .
سنڌ جي قديم آثارن ، ثقافتي ۽ سياحتي ماڳن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو شوق رکندڙن ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ پڙهندڙ شاگردن کي هي ڪتاب لازمي طور پڙهڻ گهرجي ۽ سنڌ جي قديم آثارن واري کاتي کي گهرجي ته هن جو ٻيو ڀاڱو به جلدي ڇپرائي پڌرو ڪري ته جيئن اڻ ڇپيل مواد به منظر عام تي اچي سگهي.