حیدرآباد: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي واقعي تي جيڪو موقف اختيار ڪيو آهي اهڙو موقف ملڪي تاريخ ۾ اڳ ڪنهن به نه ورتو جڏهن ته پاڻ کي روادار سڏرائيندڙن آرٽيڪل 144 جي ڀڃڪڙي ڪئي. هن اها ڳالهه سانحه ڪارساز تي گلن جي چادر چاڙهڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر شاهه، ڄام اڪرام ڌاريجو، ايم پي ايز مڪيش چاولا، امداد پتافي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته حڪومت ڊاڪٽر شاهنواز واقعي جي شروعاتي رپورٽ کانپوءِ ئي واضح موقف اختيار ڪيو، جيڪڏهن حڪومت رپورٽ عام نه ڪري ها ته ڪنهن کي به خبر نه پوي ها ته ڇا ٿيو آهي. هي اسان جي حڪومت جو منشور آهي ته ڪابه ڳالهه لڪائي نه سگهجي. مراد علي شاهه چيو ته اسان ايف آءِ آر ۾ سينيئر پوليس آفيسرن جا نالا داخل ڪيا، انهن کي عهدن تان هٽايو ۽ جاچ ۾ شامل ڪيو پر ڪجهه ماڻهو حڪومت ۽ ان جي قدمن کي ساراهڻ بدران پنهنجي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته رواداري مارچ واري ڏينهن قلم 144 لاڳو ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته ساڳئي هنڌ هڪ مذهبي جماعت جو به مارچ جو سڏ ڏنو هو. اها هڪ سنگين صورتحال هئي، ٽڪراءُ جو خطرو هو. ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي روڪڻ لاءِ حڪومت رواداري مارچ جي قيادت کي مارچ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي پر پوءِ به هنن آرٽيڪل 144 جي ڀڃڪڙي ڪئي. مراد علي شاهه چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جو واقعو بدقسمتي آهي، سنڌ ۾ اهڙا واقعا نه ٿيڻ گهرجن. سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي. اسان جو عقيدو آهي ته انسان الله جي خوبصورت، پياري، اهم ۽ عظيم مخلوق آهي، اسلام جي ڪنهن به تشريح ۾ خون وهائڻ جائز ناهي ۽ نه ئي ٻين مذهبن ۾ جائز آهي.سنڌ جي وڏي وزير واضح ڪيو ته اسان ڪنهن به ماڻهو يا ٽولي کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ٿا ڏئي سگهون. مون پاڻ رواداري مارچ جي قيادت سان ڳالهايو پر انهن پنهنجا اعتراض ٻڌائڻ بدران ميڊيا ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو جيڪو انتهائي نامناسب رويو آهي. ڪارساز سانحي بابت ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سترنهن سال اڳ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي جلاوطني ختم ڪري ڪراچي ايئرپورٽ پهتي. سڄي پاڪستان مان هزارين ماڻهو پنهنجي محبوب قائد جي استقبال لاءِ گڏ ٿيا هئا. هاءِ وي تي ماڻهن جو سمنڊ هو جنهن سبب محترمه جي قافلي کي ڪارساز پهچڻ ۾ 10 ڪلاڪ لڳي ويا جتي ڌماڪو ٿيو. سوين ڪارڪن شهيد ٿيا تڏهن به ڪارڪنن جو وڏو انگ ڪنٽينر ڏانهن وڌڻ لڳو .