آئيني بئنچ ۾ صوبن جي برابر نمائندگي، سپريم ۽ هاءِ ڪورٽ پاڻ مرادو نوٽيس نه وٺنديون

اسلام آباد(م ڊ) ڇويهين آئيني ترميم تي پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي جي چيئرمين ۽  پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته خصوصي ڪميٽي جمعي جي ڏينهن  اجلاس ۾ حتمي تجويز ڪيل مسودي جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني. آئيني ترميم بابت پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ڪميٽي جي چيئرمين خورشيد شاهه پارليامينٽ ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته تجويز ڪيل متفقه مسودي ۾ 26 نقطن تي اتفاق ڪيو ويو آهي. نئين مسودي ۾ آئيني عدالت جوڙڻ بدران سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچ ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. مسودي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي هن آئيني بينچ ۾ سمورن صوبن کي برابري جي نمائندگي هوندي. خورشيد شاهه چيو ته ڪميٽي پاران اتفاق راءِ سان منظور ڪيل آئيني مسودي ۾ اوورسيز پاڪستانين کي چونڊ وڙهڻ جي تجويز تي به اتفاق ڪيو ويو آهي. ڪميٽي جو اجلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي پارلياماني ليڊر فاروق ستار چيو ته سمورين پارٽين 26هين آئيني ترميم جي مسودي تي اتفاق ڪيو آهي.  هن وڌيڪ چيو ته ڪو به مسودو ان وقت تائين حتمي ناهي هوندو جيستائين اهو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش نه ڪيو وڃي پر ان وقت تائين اهو انتهائي حتمي مسودو هوندو آهي. پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي جي متفقه مسودي ۾ سپريم ڪورٽ سميت اعليٰ عدالتن ۾ ججن جي مقرري بابت آرٽيڪل 175 اي ۾ تبديلي جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن موجب پارليامينٽ جا 4 ميمبر ۽ سپريم ڪورٽ جا 4 سينيئر جج به شامل آهن. سپريم جوڊيشل ڪميشن ۾ چيف جسٽس به هوندو. جنهن مان هڪ سينيٽر ۽ هڪ قومي اسيمبلي ميمبر جو نالو وزيراعظم ڏيندو جڏهن ته هڪ سينيٽر ۽ هڪ قومي اسيمبلي ميمبر جو نالو قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ طرفان هوندو.  مسودي ۾ اهو به تجويز ڪيو ويو آهي ته ججن جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي جا 12 ميمبر هوندا، جن مان 8 ميمبر قومي اسيمبلي ۽ 4 سينيٽ جا هوندا.   تجويز ڏني وئي آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪنهن سينيئر جج کي چيف جسٽس مقرر ڪرڻ بدران ٽي نالا پارلياماني ڪميٽي ڏانهن موڪليا وڃن ۽ 12 رڪني ڪميٽي چيف جسٽس طور مقرري لاءِ انهن مان هڪ جي نالي جي سفارش ڪندي. جنهن کانپوءِ وزيراعظم ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ لاءِ صدر کي سفارش ڪندو. مسودي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته چيف جسٽس جي عهدي جو مدو ٽن سالن لاءِ هوندو ۽ جيڪڏهن ڪو چيف جسٽس پنهنجي رٽائرمينٽ جي عمر يعني ان عرصي تائين 65 سالن تائين نه پهچي ته به هو ٽن سالن تائين چيف جسٽس طور ڪم ڪندو صرف مدت جي مڪمل ٿيڻ کان پوء رٽائرڊ سمجهيو ويندو آهي. هن مسودي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ جي ڪنهن جج جي ڪارڪردگي بهتر نه آهي ته سپريم جڊيشل ڪائونسل ان جج کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ وقت ڏيندي ۽ جيڪڏهن اهو جج مقرر مدي اندر پنهنجي ڪارڪردگي بهتر نه ڪري ته پوءِ سپريم جوڊيشل ڪائونسل ان جج کي وقت ڏئي ٿي. معاملي کي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ڏسندي. پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي پاران منظور ڪيل تجويز ڪيل مسودي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جڊيشل ڪائونسل ججن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ الڳ قاعدا ۽ ضابطا ٺاهي سگهي ٿي. موجوده ايڪٽ 184 جي ذيلي شق 3 ۾ تجويز ڪيل ترميم جي حوالي سان چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن به اداري کي ڪو به نوٽيس نه ٿي ڏئي سگهي ۽ نه ئي ڪا هدايت ڏئي سگهي ٿي.  مسودي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت سپريم ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل ٽي رڪني ڪميٽي فيصلو ڪندي ته نوٽيس وٺجي يا نه وٺجي. ترميم ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ سمجهي ٿي ته هڪ هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس ۾ انصاف جون گهرجون پوريون نه ٿيون آهن ته اها ڪيس ٻي هاءِ ڪورٽ ۾ به منتقل ڪري سگهي ٿي. اهڙي طرح نئين مسودي ۾ آئين جي آرٽيڪل 199 جي شق 1 ۾ به ترميم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ ان کي هاڻي شق 1 اي سڏيو ويو آهي جنهن ۾ هاءِ ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار آهي. ان ترميم ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ نه ته ڪنهن معاملي تي نوٽيس وٺي سگهي ٿي ۽ نه ئي ڪنهن اداري کي ڪو هدايت ڏئي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.