ترميم منظور ٿي ته احتجاج ڪنداسين:بلوچستان جون وڪيل تنظيمون

ڪوئيٽا(م ڊ)بلوچستان جي وڪيل تنظيمن حڪومت پاران آڻيندڙ آئيني ترميمن جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته  آئيني ترميمن پٺيان اسٽيبلشمينٽ جو هٿ آهي.ڪوئيٽا ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي علي احمد ڪرد، بلوچستان بار ايسوسي ايشن جي عهديدار راحب بليدي ، افضل حريفال ايڊووڪيٽ چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن اهي آئيني ترميمون غيرقانوني طور تي منظور ڪيون ويون ته وڪيلن سان گڏ سول سوسائٽي  ۽ شاگرد ان خلاف سخت تحريڪ هلائيندا،علي احمد ڪرد چيو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ انهن ترميمن جي پويان نه هجي ها ته سينيٽر ۽ سندس مائٽن کي غائب نه ڪيو وڃي ها.هن الزام لڳايو ته آئيني ترميمن جو ڍانچو ٺاهيو ويو ته جيئن جسٽس منصور علي شاهه ڪنهن به صورت ۾ چيف جسٽس نه بڻجي سگهي. پر اهي جسٽس منصور علي شاهه کي چيف جسٽس ٿيڻ کان نٿا روڪي سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.