آئيني ترميم ۾ ناڪام وياسين ته جمهوريت لاءِ دعا گهرڻي پوندي: بلاول

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد باءِ پاس تي ڪارساز جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ منعقد ٿيل جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو ته هاڻ توهان کي اسان جو مطالبو مڃي برابري جي بنياد تي عدالت جو قيام عمل ۾ آڻڻو پوندو, پوءِ ڀلي ان جو  بينچ نالو رکيو يا ٻيو ڪجهه ڏسيو, عوام عدالتي ون يونٽ جو خاتمو چاهي ٿو، سياسي جماعتن جي لاءِ هي آخري موقعو آهي, هو هوش ڪن, سياسي جماعتون اڄ جو نه پر مستقبل جو سوچين, اسان پارليامينٽ جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ڪيون, اسلام آباد مان واپس ايندس ته آئيني وفاقي ۽ صوبائي بينچ ٺاهي ايندس, وڏي عدالت ۾ برابري جي بنياد تي صوبن جي نمائندگي هجڻ گهرجي, سياسي جماعتن کي راضي ڪرڻ جي آخري ڪوشش ڪندس, جيڪڏهن ناڪام ويس ته پوءِ اسان سڀني کي پاڪستان جي جمهوريت ۽ سياسي استحڪام جي لاءِ دعا گهرڻي پوندي. بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد وارن سان مخاطب ٿيندي "برابري سراسري اسان گهرون ٿا ايتري عدل ۽ انصاف جيتري” سنڌي ٻولي جو هي شعر چوندي چيو ته اسلام آباد وارن کي چوڻ چاهيان ٿو ته هي اسان جو جائز مطالبو آهي, هاڻ توهان کي اسان جو مطالبو مڃڻو پوندو, اسان چاهيون ٿا ته 18 هين ترميم جيان سياسي جماعتن وچ ۾ عدالتي سڌارن تي اتفاق راءِ پيدا ٿئي, آئون ٻن مهينن کان مولانا فضل الرحمان سان ملاقاتون ڪري رهيو آهيان, پي ٽي آئي کي به ٻڌو ۽ پنهنجي ڳالهه رکي. هن چيو ته مون پنهنجن مطالبن ۽ ڊرافٽ تي گهڻو ڪمپرومائيز ڪيو آهي, مونکان جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو پئي اهو مون ڪري ڇڏيو آهي, پي ٽي آئي وارن کي خبر ناهي ڪهڙي قيدي نمبر سان ملاقات ڪرڻي هئي ان جو به اڄ بندوبست ڪرايو آهي, خبر ناهي اهي ان سان مليا به آهن يا نه. بلاول ڀٽو زرداري مذاق جي انداز ۾ باني پي ٽي آئي جي قيدي نمبر واري ڳالهه تي چيو ته آئون نٿو چوان پر هي سامهون وارو همراهه چئي ٿو قيدي جو نمبر 420 آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي ڊرافٽ تي جي يو آءِ اتفاق ڪيو هو, پي ٽي آئي وارن چيو ته قاضي فائز عيسي نه هوندو ته اهو به هاڻ ناهي, چيف جسٽس قاضي فائز عيسي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي انصاف ڏنو, اهو قاضي فائز عيسي ئي هو جنهن آمر جنرل پرويز مشرف کي غدار قرار ڏنو, فائز عيسي فيض آباد ڌرڻي جي حوالي سان تاريخي فيصلو ٻڌايو. آئون قاضي فائز عيسي کي سلام پيش ڪيان ٿو. عوام پڇي ٿو ته قائد عوام کي هنن عدالت ڇو ڦاهي تي چاڙهيو ۽ محترمه شهيد بينظير ڀٽو کي ڇو انصاف نه ڏنو. هن چيو ته عدالتن کي آئين ۽ دستور تي هلڻو پوندو, جيڪڏهن آئين ۽ دستور تي عدالتون نٿيون هلن ۽ پنهنجي مرضي جا فيصلا ٿيون ڏين ته پوءِ انصاف نه ٿي سگهندو. هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته اتفاق راءِ سان اڳتي وڌون ۽ آئيني ترميم پاس ڪيون, اڄ رات واپس اسلام آباد وڃي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪندس ۽ کيس گذارش ڪندس ته گڏجي توهان ۽ اسان جي وڏن جي ڏنل آئين تي عمل ڪرايون. بلاول ڀٽو زرداري اهو پڻ چتاء ڏنو ته مونکي مجبور ڪيو ويو ته پوءِ آئون ٻيو طريقو به اختيار ڪري سگهان ٿو جيڪو تڪراري آهي, ان طريقي ڏانهن آئون وڃڻ نٿو چاهيان, ٻن مهينن کان پي ٽي آئي ۽ ٻين جماعتن جو انتظار ڪيو پر هاڻ وڌيڪ وقت ضايع نٿو ڪرڻ چاهيان, جيڪڏهن اتفاق راءِ ٿئي ٿو ته ٺيڪ آهي نه ته پوءِ (ن) ليگ ۽ حڪومتي اتحادي جماعتن جي ميمبرن سان گڏ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان آئون پاڻ قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جو آئيني ترميم وارو ڊرافٽ پيش ڪندس. هن چيو ته عوام کي انصاف ڏيارڻ جي لاءِ سياسي جماعتن کي گڏجي هلڻو پوندو. پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ۽ حيدرآباد جي عوام هن جلسي کي تاريخي بڻائي ڇڏيو آهي، شهيد بينظير ڀٽو 18 آڪٽوبر تي هڪ مشن ۽ نظريي سان گڏ پاڪستان آئي آهي، هوء ان ڪري آئي هئي ته پاڪستان ۾ هڪ آمر حڪومت ڪري رهيو آهي ۽ ان آمر کي هٽائي عوام جي حڪومت قائم ڪرڻي آهي، هوءَ شهيد پيءُ جي نامڪمل مشن کي پورو ڪرڻ آئي هئي، هوء جنهن منشور تحت مهم هلائي رهي هئي ان ۾ آمريت جو خاتمو، غربت ۽ مهانگائي کي ختم ڪرڻ هو، ان ئي منشور ۽ چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ شهيد بي بي جو مشن هو وفاقي عدالت به ٺاهڻي آهي، ان ۾ سمورن صوبن جي برابري جي بنياد تي نمائندگي هوندي، شهيد بي بي جو فلسفو هو ته عدالتن مان به ون يونٽ جو خاتمو آندو وڃي، شهيد بينظير ڀٽو عدالتن جو اصل چهرو سڃاڻندي هئي، هوءَ ڄاڻندي هئي ته جن عدالتن کي آمريت کي روڪڻو هو انهن ئي عدالتن آمرن کي اها اجازت ڏني ته آئين ۾ غير آئيني طريقي سان ترميمون ڪن، جڏهن به موقعو آيو آهي ته هنن عدالتن آئين جي بجاءِ آمرن جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته 18 آڪٽوبر تي پيپلزپارٽي جا ڪارڪن شهيد ٿيا جيڪو پاڪستان جي تاريخ جو وڏو دهشتگردي جو واقعو هو، شهيد بينظير ڀٽو به پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪئي ۽ ڪارڪنن جي مٿان قربان ٿي وئي، هن چيو ته 2006ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو واعدو ڪيو هو ته عدالتي سڌارا آڻينداسين ۽ وفاقي آئيني عدالت جڙندي، آئون هاڻ اهو بينظير ڀٽو جو آئيني عدالت وارو واعدو پورو ڪرڻ وڃي رهيو آهيان. وفاقي آئيني عدالت جي مطالبي سان پاڪستان جو عوام گڏ بيٺو آهي، عوام عدالتي ون يونٽ جو خاتمو چاهي ٿو، هنن جو مطالبو آهي ته پاڪستان جي عوام کي فوري انصاف ملڻ گهرجي، اهو مطالبو نه رڳو اسان ۽ توهان جو ناهي پر اهو شهيد بينظير ڀٽو ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جو به مطالبو آهي. هن چيو ته آئيني عدالت جو مطالبو جسٽس دراب پٽيل جو به هو, جنهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي بيگناهه قرار ڏنو هو ۽ آمر جو پي سي او جج ٿيڻ کان انڪار ڪيو, جيڪڏهن جسٽس دراب پٽيل چاهي ها ته آمر جو پي سي او تي حلف کڻي جج رهي پئي سگهيو, جيئن افتخار چوڌري آمر جو چيف جسٽس بڻيو هو. هن جلسي ۾ ايندڙ ماڻهن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اڄ اهو ثابت ٿي ويو آهي ته توهان ڪارساز جي شهيدن ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي مشن کي ناهي وساريو, شهيد بيبي جي نامڪمل مشن کي پورو ڪرڻ چاهيو ٿا. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه, نثار کهڙو, سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ, ڄام خان شورو, ڪي پي ڪي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.