ملير/ٺٽو (رپورٽ: جميل چانڊيو+منصور جلالاڻي) پيپلزپارٽي ۽ آصف زرداري سنڌ وطن سان غداري ڪري گريٽر ٿل ڪئنال سميت ٻيا ڪئنال ڪڍي پنجاب جي 36 لک ايڪڙ زمين آباد ڪري سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ چاهين ٿا، سنڌ جا سپوت اهڙي سازشن جو ڀرپور نموني مقابلو ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار ”سنڌو درياءَ بچايو“ تحريڪ جي اڳواڻن سيد زين شاهه، ڊاڪٽر صفدر عباسي، سردار عبدالرحيم، انجنيئر عبدالڪريم شر، ڊاڪٽر مسرور سيال، مظهر راهوجو ملير پريس ڪلب ۾ ٻن ڏينهن واري ڪراچي کان بدين تائين نڪرندڙ آگاهي مهم جي سلسلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، ان موقعي تي سيد زين شاهه چيو ته سڀ کان پهريان سنڌ جا ڪراچي، ٺٽو، بدين ۽ سجاول جا علائقا متاثر ٿيندا ڇو ته سنڌو درياءَ ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه ايندو ته هنن علائقن ۾ سوڪهڙو ٿيندي ۽ سامونڊي پاڻي مٿي چڙهڻ ڪري چئني ضلعن جي آبادي متاثر ٿيندي. هن چيو ته 36 لک ايڪڙ چولستان جي زمين جيڪا گريٽر ٿل ڪئنال تي آبادي ٿيندي انهن مان جيڪي به بئراج ۽ ڪئنال آهن اهي سڀ سنڌ جو پاڻي کڻندا، زرداري ۽ پيپلزپارٽي سنڌو درياءَ جو سودو ڪيو آهي جنهن سان سنڌ تباهه ٿيندي ان موقعي تي ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته ارسا ايڪٽ ۽ سنڌو درياءَ مٿان 6 ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو اسان سنڌ جي تباهي جو فيصلو سمجهون ٿا اسان کي 91 واري پاڻي ٺاهه تي پڻ خدشا هئا پر ان تحت به سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه پيو ملي. پريس ڪانفرنس بعد بيداري مارچ جا اڳواڻ سوين گاڏين جي قافلي ۾ ٺٽي ۽ بدين لاءِ روانا ٿي ويا،ه وڏانهن سنڌو درياءُ بچايو ايڪشن ڪميٽي پاران ملير ڪراچي مان نڪتل بيداري مارچ ٺٽي پھتو، ٺٽي ۾ قومپرست، سياسي ۽ مذھبي پارٽي جي اڳواڻن گُلن جي ورکا ڪندي سندن شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر زين شاھ، جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي، قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو، فنڪشنل ليگ سنڌ جي صدر سردار عبدالرحيم، پي ٽي آئي جي مسرور سيال، سياسي سماجي شخصيت خدا ڏنو شاھ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءُ تي ڌاڙي، نَون ڪئنالن ۽ بئراجن جي اڏاوت توڙي ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي، سنڌ جو ماڻھو سنڌو درياءَ تي ڌاڙو ڪنھن بہ صورت برداشت نہ ڪندو. سنڌو درياءَ جي پاڻي تي سنڌ واسين خاص طور تي پوڇڙ ۾ رھندڙ ماڻھن جو حق آھي. ارسا ايڪٽ ترميم ء نوان ڪئنال ڪڍي چولستان جون زمينون آباد ڪرڻ جو منصوبو رٿيو ويو آھي، جنھن سان سنڌ ڀڙ ڀانگ ٿي ويندي، سنڌ جون زرخيز زمينون آب جيوت ۽ سامونڊي پٽي جا ماڻھو سخت متاثر ٿيندا. ھنن چيو ته پيپلز پارٽي جنھن کي سنڌ جي ماڻھن مينڊيٽ ڏئي اقتدار تائين پھچايو آھي ان کي ارسا ايڪٽ ء ڪئنالن بابت عملي طور ميدان ۾ اچڻ گھرجي. ھنن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌي عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ ڪينالن جي مخالفت جا بيان جاري ڪري رھي آھي پر پ پ پ جي اڳواڻ ملڪي صدر آصف علي زرداري خود ڪينالن جي منظوري ڏني آھي، سنڌ جو ماڻھو پ پ پ جي چالبازين کي سمجھي ويا آھن. جيڪڏھن سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ جي ناپاڪ سازش کي رد نه ڪيو ويو ته سنڌ جو ٻچو ٻچو سراپا احتجاج ھوندو. ان کان اڳ سنڌ بچايو تحريڪ جي ريلي ملير گھگھر کان ٿيندي جڏهن ٺٽي جي حدن م داخل ٿي ته سندس شاندار استقبال ڪيو ويو، ڌاٻيچي، گھارو، گجو، مڪلي ۽ ٻين ھنڌن تي پڻ اڳواڻن خطاب ڪندي سنڌي ماڻھن کي سجاگ ٿيڻ جو سڏ ڏنو. بيداري مارچ ملير کان ٿيندو ڌاٻيجي پهتو جتي مختلف سياسي سماجي قومپرست پارٽين پاران شاندار استقبال ڪيو انهي موقعي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ پي ٽي آئي اڳواڻ مسرور سيال ،سيد خداڏنو شاھ سميت جي يو آئي ،جماعت اسلامي ،فنڪشل ليگ ، قومي عوامي تحريڪ ،سميت 11 گڏيل پارٽين جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اندر پهريان ڏڪار واري صورتحال آھي پنجاب ۽ وفاق حڪومت پنهجي ڏاڍ تي قائم رهندي زرداري مافيا سان ملي ڪري اسان جي مستقبل جو سودو ڪري اسان جي ٻچن جو جياپو کسي رھي آھي سنڌو دريا مٿان 6 ڪئنال چولستان فلڊ فيڊر ڪئنال ،گريٽر ٿل ڪئنال ،ڪڇي ڪينال،ريڻي ڪنال ،چشما رائيٽ بئنڪ ڪئنال ٺاهي ڪري سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي
ٺٽو(ڊ ر) ٺٽي ۾ درياھ بچايو تحريڪ جي بيداري مارچ جي جلسي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سنڌ جي پاڻي، زمين، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نه ڪنداسين. وفاقي حڪومت جي سنڌو درياھ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪريون ٿا. چولستان ۾ 6 ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو. ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي ۽ سي سي آءِ تعصب ڪندڙ ثابت ٿيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته چار سئو ڪلوميٽر ڊگھي ساحلي پٽي واري سنڌ بيروزگاري ۾ تڙپي رھي آھي. سنڌ جي اعتراضن باوجود سي ڊي ڊبليو پي تڪراري منصوبن جي منظوري ڪيئن ڏني آھي؟ سنڌ کي بنجر ۽ ڀڙڀانگ بنايو پيو وڃي. سنڌ اسيمبلي، ايم پي ايز، ايم اين ايز ڪٿي آھن؟ هن چيو ته 30 سال کان 1991 ايڪٽ تحت سنڌ کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي،ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي. بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ڊيلٽا سخت متاثر آھن. سي سي آءِ، واپڊا، پلاننگ ڪميشن ۽ نيپرا ۾ سنڌ جي نمائندگي نه ھجڻ برابر آھي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي ڀڙڀانگ نه ڪيو وڃي. آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي وسيلن ۽ پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولتڪار آھن.. هن چيو ته سنڌ تباھ ٿي رھي آھي.
پارليامينٽ، عدالتون ۽ ميڊيا لاتعلقي ختم ڪن. وڏيون سياسي پارٽيون ٽڪراءَ بدران ڳالھين جو رستو اختيار ڪن.