تنگواڻي ( ن ع آ ) تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد ٺل_ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي تي نئون روڊ وٽ ھٿياربندن ڦر دوران فائرنگ ۾ ھوٽل تي ويٺل خان محمد قمبراڻي گوليون ھڻي قتل ڳوٺاڻي مختيار جعفري گوليون ھڻي سخت زخمي ڪرڻ بعد 2025ع موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ بعد ھٿياربند فائرنگ ڪندا آساني سان فرار ٿي ويا، لاش ضروري ڪاروائي لاءِ ڪنڌڪوٽ منتقل ڪيو ويو جتان لاش کڻائي وارثن ڳوٺاڻن ۽ عورتن مسمات سڌل خاتون، مائي آمنه خاتون،دين محمد قمبراڻي،اشرف قمبراڻي،قمرالدين قمبراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽينٽ لڳائي احتجاج ڪري قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، 2 ڪلاڪن جي ڌرڻي سبب ڪنڌڪوٽ_جيڪب آباد طرف ايندڙ ويندڙ گاڏيون قطارن ۾ بيھجي ويون،2 ڪلاڪن بعد اڳوڻي ٽائون چيئرمين اشرف خان بجاراڻي اچي ڳوٺاڻن سان ڳالھيون ڪيون قاتل ھٿياربندن خلاف ڪاروائي جي يقين ڌياني بعد روڊ کولرايو ويو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته روڊ رستا ڏوھارين جي حوالي ٿيل آھن ڪو به شريف شھري پورھيت ڳوٺاڻو محفوظ ناھين، ھنن چيو ته قاتل جوابدارن خلاف جلد ڪاروائي ڪري ناحق ٿيل خون سان انصاف ڪيو وڃي، ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نہ ٿي سگھيو.